اسلام آباد- 31 جولاءِ (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اربع ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 3 لک 7 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ پاڻي جو ڇوڙ هڪ لک 80 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 77هزار 900 ڪيوسڪ ۽ پاڻي جو ڇوڙ 77 هزار 900 ڪيوسڪ، خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 2 لک 47 هزار 200 ۽ پاڻي جو ڇوڙ 2 لک 47 هزار 200 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 44 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ پاڻي جو ڇوڙ 10 هزار ڪيوسڪ ۽ چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد76 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 49 هزار ڪيوسڪ آهي. تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1526.89 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 4.481 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1202 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 4.390 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. چشما بيراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، بيراج ۾ پاڻي جي موجوده سطح 644.90 فوٽ، بيراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪيرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.122 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.
متعلقہ مضامین
-
ECP to hear Ali Gillani’s leaked video matter on Thursday
-
ECP to hear Ali Gillani’s leaked video matter on Thursday
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
PTI supporters, PML-N leaders come to blows outside Parliament House
-
PTI supporters, PML-N leaders come to blows outside Parliament House
-
AMAN-21-The message resonates
-
AMAN-21-The message resonates
-
Shehbaz’s daughter, son-in-law declared proclaimed offenders
-
Aman-21: the message resonates