اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي، ته بيروزگاري، غربت ۽ وسيلن جي غير منصفاڻي ورهاست سان انساني اسمگلنگ ۾ اضافو ٿيو آهي. پٺتي پيل ملڪن کي غيرقانوني انساني اسمگلنگ کي سڀ کان وڌيڪ منهن ڏيڻو ٿو پوي، پاڪستان ۾ به انساني اسمگلنگ جي منظم گينگ سرگرم آهي. ان سلسلي ۾ ايف آءِ اي ان گروهن جي خاتمي لاءِ هر وقت چوڪس آهي ۽ ڪيترن ئي جوابدارن کي قانون جي گرفتار ۾ آندو ويو آهي. انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ سڄي دنيا کي گهڻ رخي گڏيل قدم کڻڻ جي اشد ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته انساني اسمگل لالچ ۾ هزارين ماڻهن جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن ۽ انساني اسمگلرز هٿان ڪيترائي خاندان پنهنجي پيارن کان وڇڙي ويا آهن. محسن نقوي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اسرندڙ ۽ پٺتي پيل ملڪن کي اڄ ان گندي ڏوهه خلاف گڏجڻو پوندو. انساني اسمگلنگ انساني حقن، وقار ۽ آزادي جي سنگين خلاف ورزي آهي. اچو ته ملي انساني اسمگلنگ خلاف آگاهي پيدا ڪيون ۽ انساني اسمگلنگ جي سببن جو تدارڪ ڪيون ۽ هڪ اهڙي معاشري لاءِ ڪم ڪيون جتي انساني اسمگلنگ جي صورت ۾ ڪنهن جو استحصال نه ٿئي.
متعلقہ مضامین
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
Quaid mausoleum sanctity case: Court asks police to probe Maryam, Safdar
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
AMAN-21-The message resonates
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
Another minor girl raped in Khairpur
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
Aman-21: the message resonates