اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي کانپوءِ پشاور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي درخواست ڏيندڙن جي سهولت لاءِ 29 جولاءِ 2024ع سومر ڏينهن کان ڪوريئر ڪمپنين ذريعي اپاسٽيل سروس فراهم ڪري رهي آهي. پڌرائي مطابق ان سلسلي ۾ پشاور ۾ پرڏيهي وزارت جي لائز ان آفيس 29 جولاءِ 2024ع سومر ڏينهن ڪوريئر ڪمپنين ذريعي دستاويز وصول ڪندي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ان قدم جي هڪ حصي جي طور نامزد ڪوريئر ڪمپنيون درخواست ڏيندڙن کان دستاويز جمع ڪنديون، جنهن بعد پرڏيهي وزارت طرفان تصديق ڪئي ويندي. پشاور ۾ پوسٽل تصديق لاءِ دستاويز جمع ڪرڻ جي مجاز ڪوريئر ڪمپنين ۾ ٽي سي ايس، ايم اينڊ پي، گيريز، ليپرڊ ۽ اي سي ايس شامل آهن. پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان مطابق ڪوريئر ڪمپينون پاور آف اٽرني کانسواءِ سمورا دستاويز قبول ڪرڻ جون مجاز آهي.
متعلقہ مضامین
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
Aman-21: the message resonates
-
Islamabad Administration Refuses To Issue NOC For Aurat March
-
PM wants US-like electronic voting system in next polls
-
NAB decides to include Maryam in Capt (r) Safdar assets case
-
LHC restrains NAB from arresting Safdar till 29th
-
Panic grips Punjab University after unidentified gunmen open fire
-
TME celebrates International Women’s Day
-
SOUTH CHINA SEA DISPUTE REVEALED