اسلام آباد – 12 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي انقلاب اسلامي ايران جي فتح جي سالگرهه تي ايران جي حڪومت ۽ ايراني عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جون حڪومتون ۽ عوام هڪ ٻئي سان دوستاڻن لاڳاپن جي اهميت ۽ افاديت کان چڱي ريت واقف آهن. ايراني سفارتخاني جي اهتمام هيٺ ايران انقلاب جي 45 هين سالگرهه جي تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ايران سان پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ ايران جون حڪومتون ۽ عوام هڪ ٻئي سان دوستاڻن لاڳاپن جي اهميت ۽ افاديت کان چڱي ريت واقف آهن. نگران وفاقي وزير چيو ته ايراني قوم پنهنجي جدوجهد ۾ بي شمار مقصد حاصل ڪيا، ايران ترقي ۽ خوشحالي طرف تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي.
متعلقہ مضامین
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
Promoted doctors of BPS-19 await posting, accuse department of corruption
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
PTI supporters, PML-N leaders come to blows outside Parliament House
-
PTI supporters, PML-N leaders come to blows outside Parliament House
-
Inspiring Women Entrepreneurs in Pakistan’s Energy Sector
-
Another minor girl raped in Khairpur
-
Inspiring Women Entrepreneurs in Pakistan’s Energy Sector
-
Aman-21: the message resonates
-
IHC throws ball in ECP’s court in Vawda disqualification case