ڊيووس – 16 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪارگل جي پاڪستان سان زرعي شعبي ۾ تعاون ۽ پاڪ آمريڪا واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ ڪردار کي ساراهيو آهي ۽ ڪاروباري سرگرمين جي فروغ لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي قدمن کي اجاگر ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان عالمي اقتصادي فورم جي 54 هين سالياني اجلاس جي موقعي تي ڪارگل جي صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر برائن سائيڪس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ڪارگل جي پاڪستان سان زرعي شعبي ۾ تعاون ۽ پاڪ آمريڪا واپاري لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۾ ڪردار کي ساراهيو. نگران وزيراعظم حڪومت جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ قدمن تي روشني وجهندي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي قيام ۽ گهٽ عرصي ۾ ان جي مختلف شعبن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ قدمن ۽ ان جي مثبت نتيجن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نگران وزيراعظم حڪومت جي غذائي تحفظ جي لاءِ قدمن خاص طور تي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت زرعي شعبي ۾ جدت جي قدمن تي پڻ روشني وڌي. برائن سائيڪس مختلف شعبن خاص طور تي زراعت ۽ غذائي تحفظ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ پاڪستان حڪومت پاران فراهم ڪيل سهولتن کي ساراهيو.
متعلقہ مضامین
-
Naundero Health Center face crippling issues
-
Graft-buster goes after drug officials
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
Exorbitant fee of ICT colleges deprive students of higher education
-
CM unhappy with south Punjab secretaries’ performance
-
One dead, 30 injured as train derails near Rohri
-
Khalilzad in Islamabad for talks on new Afghan peace plan