ڊيووس – 16 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڱاري ڏينهن عالمي اقتصادي فورم (ڊبليو اي ايف) جي 54 هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ڊيووس پهچندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم ”عالمي تڪرارن جي دور کان بچاءُ“ جي موضوع تي عالمي اقتصادي فورم جي غيررسمي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. هن اجلاس ۾ دنيا جا ناليوارا پاليسي ساز، سيڙپڪار ۽ ڪاروباري اڳواڻ ۽ ماهر به شرڪت ڪندا. نگران وزيراعظم ڊيووس ۾ ڊي پي ورلڊ ۽ جي ڊبليو انٽرنيشنل هولڊنگ جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم سان ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ ڪارگل ڪمپني جو صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر برائن سائڪس به ملاقات ڪندو. نگران وزيراعظم بعد ۾ عالمي اقتصادي فورم جي باني ڪلائوز ۽ هلڊي شواب پاران عالمي سياسي اڳواڻن، عالمي تنظيمن ۽ عالمي ڪاروباري ڪائونسل جي اڳواڻن ۽ اسٽريٽجڪ حصيدارن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو.
متعلقہ مضامین
-
ECP to hear Ali Gillani’s leaked video matter on Thursday
-
ECP to hear Ali Gillani’s leaked video matter on Thursday
-
Naundero Health Center face crippling issues
-
Promoted doctors of BPS-19 await posting, accuse department of corruption
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
Inspiring Women Entrepreneurs in Pakistan’s Energy Sector
-
Another minor girl raped in Khairpur
-
Inspiring Women Entrepreneurs in Pakistan’s Energy Sector