اسلام آباد – 18 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير اللهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن ٻطرفي اهميت جي معاملن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني والاريل فلسطين خاص طور تي غزه جي خراب صورتحال تي پاڪستان جي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن جنگبندي جي فوري ضرورت، گهيراءُ ختم ڪرڻ، غزه جي ماڻهن کي طبي سامان سميت بنا رڪاوٽ جي انساني امداد جي فراهمي ۽ فلسطين مسئلي جي منصفاڻي حل جي بنياد تي وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ سفارتي ڪوششن جي ٻيهر شروعات تي زور ڏنو. نگران پرڏيهي وزير 15 ڊسمبر تي ڏکڻ اوڀر ايران ۾ دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ايراني سيڪيورٽي اهلڪار ماريا ويا هئا. هن دهشتگردي جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايران سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم تي زور ڏنو جيڪو علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ هڪ گڏيل چئلينج آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن تاريخ ۽ ثقافت سان ڳنڍيل پاڪستان ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ اعليٰ سطحي جي دورن جي مٽاسٽا کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Naundero Health Center face crippling issues
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
PTI supporters, PML-N leaders come to blows outside Parliament House
-
AMAN-21-The message resonates
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
Another minor girl raped in Khairpur
-
IHC throws ball in ECP’s court in Vawda disqualification case