گلگت – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ گلگت ۾ يادگار شهداءِ تي حاضري ڀري، فاتحه خواني ڪئي ۽ گل چاڙهيا. وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ گلگت اچڻ تي نگران وزيراعظم کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، گلگت بلتستان جو گورنر سيد مهدي شاهه پڻ ان موقعي تي موجود هئا. چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان نگران وزيراعظم کي مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني. نگران وزيراعظم اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ هن شاگردن جي ٺاهيل مختلف ماڊلز جو معائنو ڪيو. هن شاگردن جي پينٽنگز، تعليمي، سائنسي ۽ توانائي بابت ماڊلز ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ ٻارن جي ماڊلز ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي صلاحيتن ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪندڙ استادن جي خدمتن کي ساراهيو. هن هڪ شاگردياڻي جي سائنسي ماڊل کي ساراهيندي ان کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم شاگردياڻين کان موسمياتي تبديلي جي اثرن بابت سوال ڪيا. نگران وزيراعظم چيو ته اسان جي ٻارن ۾ سائنس جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جي مڪمل صلاحيت موجود آهي.
متعلقہ مضامین
-
Top PM advisers Tahir Ashrafi and Sayed Zulfiqar Bukhari say the reports are “absolutely wrong,” “ridiculous”
-
Turkish University gives award to Pakistan Embassy School director
-
Covid vaccine to be available in Pakistan in Feb or March: Faisal
-
2,545 new coronavirus cases, 71 deaths reported across country
-
Severe cold grips Pakistan as dense fog persists in Punjab
-
Issuance of marriage certificates to capital minorities on cards
-
French President Macron tests positive for COVID-19
-
Karachi ASI turns out to be MQM-L hitman
-
Interior Minister inaugurates app for online registration of tenants
-
Jazz expresses grief over the demise of Rashid Khan
-
Jazz expresses grief over the demise of Rashid Khan
-
Pakistan responded to pandemic wisely in terms of health & economy: Shibli Faraz