اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته اچو ته گڏجي عزم ڪريون ته اسان پنهنجي ڪوتاهين کي نظرانداز نه ڪنداسين ته ڪوتاهين دُور ڪري اميد جو ڏيئو روشن ڪنداسين. مختصر وقت ۾ اهڙو ڪم ڪنداسين جيڪو مثال بڻجي وڃي جيڪو ڏسي رهيا آهيون محسوس ڪري رهيا آهيون اهي ئي ڳالهيون ڪنداسين. هن وقت تائين 3 ڪروڙ ٻار آئوٽ آف اسڪول ڇو آهن، ٻارن کي تعليمي نيٽ ورڪ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ 10 کان 12 سالن جو پلان جوڙڻ جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ عالمي خواندگي جي ڏهاڙي جي حوالي سان رٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. مدد علي سنڌي چيو ته مان علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي تعليمي خدمتن کان چڱيءَ ريت واقف آهيان ۽ ان يونيورسٽي جي ملڪ گير خدمتن کان مطمئن آهيان. هن عالمي يومِ خواندگي جي حوالي سان سيمينار رٿڻ تي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود کي مبارڪباد ڏني. علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود چيو ته پاڪستان پنهنجي آزاديءَ جا 76 سال گذاريا پر اڄ به اسان وٽ 3 ڪروڙ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن جن کي اسان کي اسڪول پهچائڻو هو پر پهچائي نه سگهياسين. هن چيو ته ان ٻارن کي اسڪول آڻڻ لاءِ ڊگهي مدي جي منصوبي جي ضرورت آهي.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan develops state-of-the-art ventilator
-
NAB Rawalpinidi recovers Rs196bn in 2020
-
Struggle to empowerment: a tale of unmatched magnificence
-
China felicitates award-winning Pakistani staff working on CPEC
-
Health ministry wants legislation to impose tax on tobacco
-
Empowering youth to make country economically strong: Firdous
-
FBR seizes smuggled goods worth Rs29bn in July-Dec period
-
Governor Sindh acknowledges services of health workers
-
FBR seizes smuggled goods worth Rs29bn in July-Dec period
-
Four terror suspects arrested in Bajaur
-
Ismail backs MQM-P stance on census; PPP advises to quit govt
-
Ismail backs MQM-P stance on census; PPP advises to quit govt