اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل مذهب، تاريخي رشتن تي ٻڌل بهترين لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه مختلف معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ترڪ سامونڊي فوج جي ڪمانڊر ارجمند تاتيل اوگلو ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات ۾ پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ۽ پاڪستان ۾ ترڪيه جو سفير پڻ شريڪ هئا. ان موقعي تي پاڪستان ۽ ترڪيه جو گڏيل فائدي جي لاءِ مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان موقعي تي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل مذهب، تاريخي رشتن تي ٻڌل بهترين لاڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه مختلف معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. صدر سامونڊي ۽ دفاعي تعاون سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر پاڪ بحريه جي لاءِ چار ملجم ڪارويٽس مان پهرين جي لانچنگ تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ آگسٽ 2021ع ۾ ترڪيه جي دوري جو پڻ ذڪر ڪيو. هن ٻطرفي ۽ گهڻ رخي مشقن ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي سامونڊي فوجن جي باقاعده شرڪت کي ساراهيندي چيو ته ٻطرفو ويجهو سامونڊي تعاون پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جو مظهر آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڀارت ۾ اقليتن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن جي خلاف ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ظلمن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته عالمي برادري کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين، ڀارت ۾ اقليتن تي ظلم جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. صدر ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي پاڪستان جي اصولي موقف تي ترڪيه جي حمايت کي پڻ ساراهيو. ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ترڪ نيول ڪمانڊر ارجمند تاتيل اوگلو چيو ته مستقبل ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌيڪ وڌندو. هن چيو ته هي دورو پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفا دفاعي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ ڪارائتو ثابت ٿيندو. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪ سامونڊي فوج جي ڪمانڊر کي پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ميري ٽائيم ۽ سامونڊي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ خدمتن جي اعتراف ۾ نشان امتياز (ملٽري) سان پڻ نوازيو.
متعلقہ مضامین
-
Musharraf treason case adjourned until Oct 24
-
China’s position on Kashmir clear, consistent: spokesman
-
Opp’s Rehbar Committee agrees on four points
-
Bilawal throws weight behind ‘freedom march’
-
Bilawal throws weight behind ‘freedom march’
-
Maryam Nawaz and her cousin’s remand extended by 14 days
-
JUI-F Chief propagating Azadi March for his self-interests: Usman Dar
-
Euro-Pak Int’l moot on physical education to be held on Friday
-
NAB decides to arrest Qaimkhani in assets beyond means case
-
BISE Lahore announces Intermediate part 1 results for 2019
-
Maryam Nawaz and her cousin’s remand extended by 14 days
-
Sepoy embraces shahadat, two women injured in ceasefire violation by Indian troops along LOC