اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان هواوي پاڪستان جي وفد چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر اٿان سن جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اٿان سن نگران وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته هواوي پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ايڪو سسٽم جي ترقي ۽ فروغ جي حوالي سان ڪم ڪري رهيو آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستان جي مختلف يونيورسٽين ۾سئو جي لڳ اڳ انفارميشن ٽيڪنالاجي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. نگران وزيراعظم هواوي جي پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ترويج جي حوالي سان قدمن کي ساراهيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته هواوي پاڪستان جي نوجوانن خاص طور تي ڏورانهن علائقن جي رهندڙن ۽ عورتن جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تربيت جي حوالي سان حڪومت جي معاونت ڪندو. هن هواوي جي پاڪستان ۾ آءِ ٽي شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي خواهش جي آجيان ڪئي. نگران وزيراعظم هواوي کي پاڪستان ۾ موبائيل فون سيٽس جي تياري جو پلانٽ هڻڻ جي پڻ صلاح ڏني. ملاقات ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر عمر سيف پڻ موجود هو.
متعلقہ مضامین
-
Ex-senator Yasmeen Shah jailed in fake degree case
-
We must remain vigilant to respond befittingly to enemy’s misadventure: COAS
-
CJ LHC orders lower courts to decide 5-year cases by March 31
-
DRAP approves marketing of CanSinoBIO vaccine
-
JI issues strategy guidelines on Covid vaccine, education
-
DRAP approves marketing of CanSinoBIO vaccine
-
PNCA to open regional culture centre in GB
-
Seven die in truck-passenger coach collision due to fog
-
Kashmiris in IIOJK face annihilation: Masood
-
EC holds the fate of the whole country :SC
-
EC holds the fate of the whole country :SC
-
RESCUE CADET CORPS LAUNCHED FOR SOCIAL CHANGE