اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڏکڻ وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته انهن جوانن جون قربانيون رائيگان نه وينديون ۽ اسان جي ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جو جلد خاتمو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم ڏکڻ وزيرستان جي علائقي اسمان منزه ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جي جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردن سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جا 6 جوان ملڪ ۽ قوم جو فخر آهن، مون سميت پوري قوم پنهنجي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪ فوج جي انهن جوانن جون قربانيون رائيگان نه وينديون ۽ اسان جي ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جو جلد خاتمو ٿيندو.
متعلقہ مضامین
-
OICCI contributes Rs16bn to minimise coronavirus impact
-
Father commits suicide after killing disabled daughters
-
PPP demands withdrawal of notification about Sindh’s hospitals
-
Father commits suicide after killing disabled daughters
-
PDM politics based on vested interests: Murad
-
Court extends Asif’s remand for 10 days in corruption case
-
At UN, Pakistan proposes action plan to combat Hindutva ideology
-
NAB files reference against Saleem Mandviwala in plots allotment case
-
UO plans to reopen with Blended Learning
-
Broadsheet revelations ‘tip of the iceberg’: PM
-
CAS CALLS ON SENIOR MILITARY LEADERSHIP OF TURKEY
-
FEDERAL MINISTER FOR MARITIME AFFAIRS VISITS NATIONAL INSTITUTE OF MARITIME AFFAIRS