اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پاڪستان جي 76 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي عوام جي لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي جي خصوصي تحفي جي باقاعده شروعات سڀاڻي جمعي کان ٿيندي، جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي 5 بنيادي ضروري شيون گهٽ ترين اگهن تي دستياب هونديون. تفصيلي بيان موجب وزيراعظم پاران ملندڙ ان ٽارگيٽيڊ سبسڊي ۾ اٽو 648 رپين ۾ 10 ڪلوگرام، گيهه 353 رپيا في ڪلو، کنڊ 100 رپيا في ڪلوگرام، جڏهن ته دالين ۽ چانور تي 25 رپين جي في ڪلو تي خصوصي رعايت ڏني ويندي. ان سبسڊي سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت رجسٽرڊ خاندان جن جو غربت انڊيڪس تي اسڪور آر ايم ٽي 40 يا ان کان گهٽ آهي، سبسڊي حاصل ڪرڻ جا اهل آهن، ان سهولت مان فائدو کڻڻ جي لاءِ به بي آئي ايس پي جا خصوصي رجسٽريشن ڪائونٽر يوٽيلٽي اسٽورز تي قائم ڪيا پيا وڃن.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan Army dismisses three officers from service over misconduct
-
Nawaz pledges support to Fazl on anti-govt march
-
Rangers’ powers in Karachi extended for 90 more days
-
MQM chief charged with terrorism offence in UK
-
Rangers’ powers in Karachi extended for 90 more days
-
NAB arrests Nawaz Sharif in Chaudhry Sugar Mills case
-
NAB arrests Nawaz Sharif in Chaudhry Sugar Mills case
-
Three army majors punished over misuse of authority
-
Special Assistant on Youth Affairs calls on PM
-
Child drowns in park’s uncovered water tank, Karachi
-
Islamabad Karachi Company Police arrests gang wanted in robbery cases
-
Man imprisoned for sharing revenge porn photos of ex-fiancee online