اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سيونٿ ايونيو اوور هيڊ برج جو افتتاح ڪري ڇڏيو، اهو منصوبو هڪ سال جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم کي منصوبي جي افتتاح کان اڳ ان بابت بريفنگ ڏني وئي. سيونٿ ايونيو اوور هيڊ برج منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن طارق فضل چوڌري، حنيف عباسي ۽ انجم عقيل خان پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سيونٿ ايونيو اوور هيڊ برج جي ڊيگهه 2 ڪلوميٽر آهي، جيڪو سري نگر هائي وي تي آهي. ان جا چار لوپس آهن ۽ هڪ فلائي اوور آهي. اهو منصوبو هڪ سال جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو. ان سان ٽريفڪ جي وهڪري کي برقرار رکڻ ۾ مدد ملندي. اهو منصوبو جي سڪس ۽ جي سيون کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو. ان منصوبي ۾ 615 ميٽر جو هڪ انڊر پاس پڻ شامل آهي. ان منصوبي تي ڪل لاڳت 2 ارب رپين کان به گهٽ آهي.
متعلقہ مضامین
-
Abbasi accuses NA speaker regarding attendance of detained legislators
-
Abbasi accuses NA speaker regarding attendance of detained legislators
-
Indian Fascists have Crossed all limits: Gen Raheel Sharif
-
CJP forms seven-judge bench to hear Justice Isa’s petition
-
By-election for PS-11 to be held on Oct 17
-
Mandokhel to assume charge as BHC CJ
-
Every detained MNA should be allowed to attend sessions: Abbasi
-
PM hails support of 58 countries on Kashmir crisis
-
Top army, navy officers visit SC
-
Italian envoy hails PRCS humanitarian services
-
Life remains paralysed in IHK for sixth consecutive week
-
Life remains paralysed in IHK for sixth consecutive week