اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 7 جولاءِ تي تقدس قرآن ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان ڏينهن سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو. سوئيڊن واقعي تي قومي حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ خميس ڏينهن پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اهم اجلاسٿيو. اجلاس ۾ سوئيڊن ۾ قرآن ڪريم جي بي حرمتي جي معاملي تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم 7 جولاءِ تي تقدس قرآن ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو. جمعي ڏينهن 7 جولاءِ تي سوئيڊن واقعي جي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج ٿيندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سمورين پارٽين سميت پوري قوم کي احتجاج ۾ شريڪ ٿيڻ جي اپيل ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته پوري قوم هڪ زبان ٿي شيطاني ذهنن کي پيغام ڏيندي، جمعي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ سوئيڊن واقعي جي مذمت ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون وڃن، وزيراعظم شهباز شريف خميس ڏينهن پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ سوئيڊن واقعي تي قومي حڪمت عملي جوڙي وڃي، پارليامينٽ جي فورم تان قوم جي جذبن ۽ احساسن جي ڀرپور ترجماني ڪئي وڃي، وزيراعظم اها به هدايت ڪئي آهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ گڏيل قرارداد منظور ڪئي وڃي، وزيراعظم پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي جمعي ڏينهن تقدس قرآن ڏهاڙي ۾ ڀرپور شرڪت جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر جي حيثيت سان پارٽي کي سڄي ملڪ ۾ احتجاجي ريليون ڪڍڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته قرآن ڪريم جي عزت ۽ حرمت اسان جي ايمان جو حصو آهي، ان جي لاءِ اسان سڀ هڪ آهيون، گمراهه ذهن اسلامو فوبيا جي منفي رجحان کي پکيڙڻ جي ڪڌي ايجنڊا تي عمل پيرا آهن. هن چيو ته سڄي دنيا جون امن پسند، گڏيل بقاءَ تي گڏيل رکندڙ قومون ۽ قيادت اسلامو فوبيا جو شڪار ۽ مذهبي تعصب رکندڙ پرتشدد قوتن جو رستو روڪين، مذهب، مقدس هستين، عقيدن ۽ نظرين کي نشانو بڻائيندڙ پرتشدد ذهن دنيا جي امن جي لاءِ خطرو آهن، عالمي سطح تي پرامن، متوازن ۽ بين المذاهب هم آهنگي تي يقين رکندڙ قوتون گڏجي اهڙن رجحانن ۽ واقعن جي تدارڪ جي لاءِ ڪم ڪن.
متعلقہ مضامین
-
PTI to win GB elections as opposition accepts defeat: Senator Shibli
-
PR to partially resume KCR operation from Thursday
-
People have rejected opp’s politics of negativity: CM
-
Schools not to be closed YET, Provincial education ministers fail to achieve consensus
-
Sino-India Border Clashes: Implications for South Asian Strategic Environment
-
ACE to probe 37 politicians for fraud
-
Pakistan marks Universal Children’s Day today
-
Norway provides NOK 11m more to UNESCO for girls education in Pakistan
-
Opposition leaders organizing public meetings would be responsible for loss of lives due to covid19: Shibli
-
Protection of minorities top priority of Punjab Police: IGP
-
Afghanistan closes Torkham border after Pakistan starts repair work
-
India has set up special cell to promote terrorism in Pakistan: FM