اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صحافت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سڄي دنيا جي صحافين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته جنهن ماحول ۾ اهي ڪم ڪن ٿا اهو اڪثر چئلينجن ۽ خطرن سان ڀرپور هوندو آهي، صحافت جي ”واچ ڊاگ“ ڪردار جمهوريت ۽ شفاف حڪمراني ۾ مدد ڪئي آهي. صحافت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي آئون سڄي دنيا جي صحافين کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. خاص طور تي پاڪستان جي صحافين کي عوام کي آگاهي ۽ تعليم ڏيڻ جي ساراهه جوڳي ڪم تي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته جنهن ماحول ۾ اهي ڪم ڪن ٿا اهو اڪثر چئلينجن ۽ خطرن سان ڀريل هوندو آهي پر ان جي باوجود اهي ماڻهو پنهنجي ذميوارين جون ادائيگيون جاري رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته صحافت جي واچ ڊاگ ڪردار جمهوريت ۽ شفاف حڪمراني جي نظرين جي فروغ ۾ مدد ڪئي آهي.
متعلقہ مضامین
-
Abbasi accuses NA speaker regarding attendance of detained legislators
-
Abbasi accuses NA speaker regarding attendance of detained legislators
-
Indian Fascists have Crossed all limits: Gen Raheel Sharif
-
CJP forms seven-judge bench to hear Justice Isa’s petition
-
By-election for PS-11 to be held on Oct 17
-
Mandokhel to assume charge as BHC CJ
-
Every detained MNA should be allowed to attend sessions: Abbasi
-
PM hails support of 58 countries on Kashmir crisis
-
Top army, navy officers visit SC
-
Italian envoy hails PRCS humanitarian services
-
Life remains paralysed in IHK for sixth consecutive week
-
Life remains paralysed in IHK for sixth consecutive week