اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ”روڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ ۾ پاڪستان کي شامل ڪرڻ، سوڊان ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي ڪڍڻ ۾ تعاون ۽ گذريل سال شديد ٻوڏ دوران امداد تي سعودي عرب سان ٿورا مڃيا آهن ۽ چيو آهي ته سعودي عرب ۽ ايران جا لاڳاپا معمول تي آڻڻ سان علائقائي امن ۽ سلامتي جي فروغ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي نائب گهرو وزير ڊاڪٽر ناصر بن عبدالعزيز الدائود سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم گذريل سال جي شديد ٻوڏ دوران امداد تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم سوڊان ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي ڪڍڻ جي لاءِ تعاون فراهم ڪرڻ تي سعودي عرب جي حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا. وزيراعظم ”روڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ ۾ پاڪستان کي شامل ڪرڻ تي سعودي عرب جي حڪومت کي ساراهيو، ”روڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ذريعي حج تي وڃڻ جي خواهشمند پاڪستاني حاجين کي سهولتون فراهم ڪندو. سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي لاءِ تازي معاهدي جو حوالو ڏيندي وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ان سان علائقائي امن ۽ سلامتي کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. سعودي نائب گهرو وزير سندس ۽ سندس وفد جي مهمان نوازي تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا تاريخي آهن. هن پاڪستان جي گهرو، مذهبي معاملن ۽ منشيات جي خاتمي وارن وزيرن سان ڪارائتين ملاقاتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ کي ايندڙ سال کان لاهور ۽ پشاور تائين پڻ وڌايو ويندو ته جيئن وڌ کان وڌ حاجين کي سهولتون فراهم ڪري سگهجن.
متعلقہ مضامین
-
Bomb found
-
Pakistan’s civil awards conferred on Chinese dignitaries
-
Sindh’s reservations on Islands issue to be addressed, AGP tells SHC
-
Gunmen injure qawwal in robbery
-
Regional peace achievable only thorough enhanced bilateral engagement: NA speaker
-
“Missing” news reporter Ali Imran Syed returns home safely
-
The PDM movement will continue like a torment on people of country till the end of this governemnt
-
HubSalt may export $1 bn worth of salt every year
-
ITP’s campaign in full swing to stop use of unauthorized number plates
-
Islands are the property of Sindh
-
Nawaz to be brought back; to be in prison by January 15: Shibli
-
Construction work on PCTVI building in Gwadar in full swing