اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) ڊائريڪٽوريٽ جنرل پبلڪ ريليشنز (ڊي جي پي آر) لاهور جي هڪ وفد ڊائريڪٽر اليڪٽرانڪ ميديا راڻا سهيل جي سربراهي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (ڊيمپ) جو دورو ڪيو. ان موقعي تي اليڪٽرانڪ ميڊيا مانيٽرنگ جي جديد نظام ۽ طريقيڪار بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا مانيٽرنگ جي حوالي سان ٽيڪنيڪل معاملن ۽ تجربن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊيمپ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر طارق محمود ڊي جي پي آر جي وفد کي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڊائريڪٽر ڊيمپ نگهت احسن، ڊائريڪٽر انفارميشن ڊي جي پي آر راولپنڊي محمد اويس، ڊپٽي ڊائريڪٽر آءِ ٽي شاهد نواز ۽ انفارميشن آفيسر ظهير احمد پڻ موجود هئا. ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ڊيمپ ڊاڪٽر طارق محمود چيو ته اليڪٽرانڪ ميديا جي مانيٽرنگ عوامي مسئلن کان آگاهي ۽ حڪومتي پاليسين جي وچ ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي لاءِ انتهائي لازمي آهي ڇو ته وقت سان گڏوگڏ ميڊيا چينلز جي اهميت ۽ عوامي پذيرائي ۾ خاطرخواهه اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اداري ڊيمپ ۾ قومي اليڪٽرانڪ چينلز جي 24 ڪلاڪ ٽن شفٽن ۾ مانيٽرنگ ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته عالمي ٽي وي چينلز جي مانيٽرنگ جي حوالي سان پڻ هڪ منصوبي تي ڪم ڪيو پيو وڃي ته جيئن پاڪستان جي حوالي سان سڌوسنئون ۽ ملڪي پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان جيڪو به مواد نشر ڪيو وڃي ٿو ان کان آگاهي حاصل ڪري سگهجي. ڊائريڪٽر ڊيمپ نگهت احسن اليڪٽرانڪ ميڊيا مانيٽرنگ جي حوالي سان ڊي جي پي آر جي صلاحيت کي ساراهيندي چيو ته پنجاب حڪومت ۽ وفاق جي وچ ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مانيٽرنگ جي حوالي سان باقاعده رابطو اهم قدم آهي. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مانيٽرنگ هڪ تيز رفتار عمل آهي جنهن جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ۽ ڊيٽا شيئرنگ جو عمل انتهائي اهميت رکندڙ آهي ڊي جي پي آر جي ڊائريڪٽر اليڪٽرانڪ ميديا راڻا سهيل چيو ته ڊي جي پي آر پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبائي اڪائي ۾ ۽ هڪ وڏي آبادي جي صوبي ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا چينلز جي مانيٽرنگ جي عمل کي ذميواري سان سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته ڊي جي پي آر نه رڳو چينلز تي نشر ٿيندڙ خبرن جي مواد جي مانيٽرنگ ڪري ٿو پر ٽاڪ شوز جو پڻ عوامي نقطه نظر جي حوالي سان جائزو ورتو وڃي ٿو. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مانيٽرنگ جي حوالي سان جديد ٽيڪنالاجي ۽ اسڪلز جي حوالي سان سکڻ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن.
متعلقہ مضامین
-
Another act of negligence kills a child
-
Iran sets free 107 Pakistani nationals
-
Pakistan, China sign FTA-II to boost trade ties
-
IMF team arrives today for talks on bailout package
-
No plan to close down madaris in country: govt
-
US top envoys due today to talk Afghan peace process
-
PTI minister seeks Abbasi’s assets details since 1985
-
Zardari announces to join JUI-F’s anti-govt campaign
-
Zardari announces to join JUI-F’s anti-govt campaign
-
Either NAB will work or the economy, says Zardari
-
Adnan, administering wrong injection, was not a doctor
-
Pink Riders hold an all-female bike rally in Karachi