رحيم يار خان – 25 – جنوري (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جو صدر شيخ محمد بن زيد النهيان پاڪستان جي نجي دوري تي رحيم يار خان پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران پريس رليز موجب ايئرپورٽ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پنجاب جو نگران وڏو وزير سيد محسن رضا نقوي ۽ وزيراعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ موجود هئا. ايئرپورٽ تي ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي پنهنجي تازي دوري جو ذڪر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت جي حوالي سان ڀرپور ڪم ڪيو ويندو. يو اي اي جي صدر شيخ محمد زيد النهيان چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته سندس والد پاڪستان ۽ ان جي عوام سان تمام گهڻي محبت رکندو هو، هو پاڪستان کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿو، هن وزيراعظم کي يقين ڏياريو ته گڏيل عرب امارات سدائين پاڪستان سان گڏ بيٺل رهندو.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan expects incoming Chinese envoy to promote business ties, boost CPEC
-
Pakistan expects incoming Chinese envoy to promote business ties, boost CPEC
-
Not registering an FIR tantamount to helping the oppressor: IGP
-
Senate committee slams CCPO Lahore for conflicting remarks over motorway case
-
Shehbaz Sharif’s arrest will only ‘add fuel to the fire’: Maryam
-
Shehbaz Sharif’s arrest will only ‘add fuel to the fire’: Maryam
-
Soldier martyred in firing by terrorists in Waziristan: ISPR
-
Soldier martyred in firing by terrorists in Waziristan: ISPR
-
Primary schools open from today across country
-
Afghan peace negotiator urges ‘new era’ in ties with Pakistan
-
Meesha Shafi and eight others booked by FIA cyber crime wing for a defamation campaign against Ali Zafar
-
Pakistan calls for one-year extension in G20 debt relief for poor countries