آستانه – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان فلسطين جي صدر محمود عباس ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ دلچسپ مڪالمو ٿيو ۽ انهن جي جذباتي ڳالهه ٻولهه اسلامي اخوت ۽ ڀائيچاري جو مثال بڻجي وئي. محمود عباس پيار مان وزيراعظم شهباز شريف جا ٻئي هٿ پنهنجي هٿن ۾ پڪڙي ورتا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب فلسطين جو صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف هڪ ٻئي سان گرموشي سان گلي مليا ۽ انهن جي وچ ۾ دلچسپ مڪالمو ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطين جي صدر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ٻوڏ دوران توهان جي مدد تي تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. محمود عباس چيو ته پاڪستان اسان جو گهر آهي، پاڪستاني اسان جا ڀائر ۽ ڀينرون آهن، پاڪستاني اسان جي گهر جا ڀاتي آهن، اسان انهن جي لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ائين نه چئو، فلسطين ٻوڏ سٽيلن جي جهڙي طرح مدد ڪئي، وساري نه ٿا سگهون، پاڪستان ڪڏهن به فلسطينين کي وساري نه ٿو سگهي، توهان جي ڪاميابي تائين پاڪستان توهان جي حق لاءِ آواز اٿاريندو رهندو. فلسطيني صدر محمود عباس چيو ته اسان پاڪستان کي ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهون، هڪ سئو سال کان اسان پاڪستانين کي ڪڏهن ناهي وساريو، مفتي فلسطين پنهنجي لاڏاڻي تائين پاڪستان ۾ رهيو، ان جي سارسنڀال پاڪستان ڪئي، پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ کان اسان پاڪستانين سان گڏ آهيون. وزيراعظم چيو ته فلسطين اسان جي ايمان ۽ يقين جو حصو آهي، فلسطين اسان جي دل ۾ آهي. هن چيو ته اڄ جي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي حمايت ڪندڙ اڳواڻن ۾ توهان شامل آهيو، توهان جي حمايت ۽ جذبي تي دل جي گهرايئن سان ٿورا مڃان ٿو.
متعلقہ مضامین
-
Rally held on 12th martyrdom anniversary of Sheikh Abdul Aziz
-
Govt’s efforts to contain coronavirus hailed
-
At UN, Pakistan’s efforts to expose India’s ‘real face’ showing results
-
Disruption in distribution of government contracts to provide food to patients in Chandka Hospital
-
SBP enhances loan limits, expands relief measures for micro-finance
-
Six martyred, 21 injured as blast in Chaman targets ANF vehicle
-
Provincial Minister Abdul Aleem Khan visits Mayo and Services hospital
-
Minister stresses role of COMSATS in higher education
-
Teachings of saints living examples for humanity: Nasir
-
Metro bus service in twin cities resumes today
-
Two years of PTI government witness successful implementation of CPEC
-
NESPAK to develop Rs 100bn housing scheme in Peshawar