اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر ۽ يو اي اي جي ولي عهد شهزاده محمد بن زيد النهيان کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس ۽ يو اي اي جي ڀائر عوام کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم يو اي اي جي قيادت جي سٺي صحت ۽ ڀائر اماراتي عوام جي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. يو اي اي جي ولي عهد وزيراعظم پاڪستان کي عيد جي مبارڪباد ڏيندي خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ تعاون تي ٻڌل ڊگهي مدي وارن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم يو اي اي جي پنهنجي تازي دوري دوران ولي عهد سان پنهنجي تفصيلي مشاورت جو حوالو ڏيندي پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي شاندار ميزباني تي ولي عهد جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته گڏيل مفاد ۾ ٻطرفي تعاون خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ معاشي تعاون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي لاءِ هو يو اي اي جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم پنهنجي يو اي اي جي تازي دوري جي فوري پوءِ گڏيل عرب امارات جو معاشي وفد موڪلڻ تي ولي عهد جا ٿورا مڃيا جيڪو ٻنهي ڀائرن عوام جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جو اضافو آهي. وزيراعظم ولي عهد کي پنهنجي اولين فرصت ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي حصيداري عمل ۽ عالمي سطح تي تعاون جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ ويجهو رابطو قائم رکڻ تي اتفاق ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Coronavirus tally jumps to 15,525; 21 more lose lives
-
Rs3 billion deposited in PM’s Relief Fund: PTI senator
-
Govt. to reopen NADRA offices from May 4
-
Lockdown activity: PM suggests youth to read Firas Alkhateeb’s ‘Lost Islamic History’
-
Seizure Of Narcotics (Hashish, Crystal Ice Crystal) 26 April 2020 By Pakistan Maritime Security Agency & Pakistan Customs Through Combined Operation
-
Rehman Malik calls for invoking force majeure law to write-off foreign debts
-
Govt. to reopen NADRA offices from May 4
-
‘Anti-coronavirus’ spray at QAU
-
Issues With Respect To Appointment Of Md – Sngpl
-
Lockdown not being implemented in Sindh practically: SUP chief
-
Top trend of low purchasing, fear of losing jobs during COVID-19
-
IHC suspends promotion of 14 FBR officers to Grade 21