اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد چيو ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، سپريم ڪورٽ جو جيڪو به فيصلو هوندو اسانکي قبول هوندو. انهن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ جي ٻاهر پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پرڏيهي خط ۾ چيو ويو ته وزيراعظم کي جيڪڏهن نٿو هٽايو وڃي ته پاڪستان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا، ان تي ڪيترائي سوال اٿن ٿا، عدم اعتماد کان ٽي ڏينهن اڳ قومي سيڪيورٽي ڪميٽي جو اجلاس رکيو ويو هو، اپوزيشن چيو ته قومي سيڪيورٽي ڪميٽي اجلاس لاءِ اسانکي ڪو دعوت نامو ناهي ڏنو ويو، انهن کي باضابطه خط لکي گهرايو ويو پر اهي نه آيا، متحده اپوزيشن جو مقصد عدم اعتماد آڻي چونڊن ۾ آءِ وي ايم مشين جي استعمال کي ختم ڪرڻو هو، انهن جو مقصد نيب ۽ اوورسيز پاڪستانين جي ووٽ کي ختم ڪرڻو هو، پرڏيهي سازش جي جيستائين جاچ نٿي ٿئي عدم اعتماد نٿي ٿي سگهي. فيصل جاويد چيو ته اسانجون نون چونڊن لاءِ تياريون عروج تي هجن، اپوزيشن خوفزده ڇو آهي عوام ۾ اچي ۽ ميدان ۾ مقابلو ڪري. ان موقعي تي علي محمد خان چيو ته اسان گورننس تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون، مهانگائي کي تسليم ٿا ڪريون، معاملو تبديل ٿي ويو آهي، هاڻي معاملو رياست جو ٿي ويو آهي، پاڪستان جا فيصلا پرڏيهه مان نه ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته روس رڳو بهانو آهي عمران خان نشانو آهي.
متعلقہ مضامین
-
Sikh community celebrates Baisakhi festival in a simple ceremony
-
CAA has permitted ‘Flydubai’ for a special flight from Dubai-Faislabad
-
Indian army using Kashmiris as human shields in border skirmish with Pakistan
-
Lockdown not applicable to mosques, congregational prayers to begin: ulema
-
Governor Sindh reviews lockdown situation in Thatta
-
PM Imran extends lockdown for the next two weeks
-
IHC bans entry of irrelevant persons in court premises
-
Text of SC order in suo motu case regarding coronavirus
-
Text of SC order in suo motu case regarding coronavirus
-
Coronavirus nationwide death toll crosses 100; 1,378 recovered so far
-
Ord against hoarding, smuggling in the offing
-
GB govt to ease coronavirus lockdown restrictions