اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان يونان سان تعاون تي ٻڌل لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مائيگريشن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن يونان جي مائيگريشن ۽ سياسي پناهه واري وزير پناگوئٽس ميتاراچي سان ڳالهائيندي چئي جنهن وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته اسرندڙ ملڪن مان ترقي يافته ملڪن کي غيرقانوني مالياتي وهڪري اسرندڙ ملڪن جي وسيلن کي سخت نقصان پهتو آهي ۽ اهو عمل غيرقانوني مائيگريشن جهڙن مسئلن جو پڻ سبب بڻجي رهيو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته غيرقانوني مالياتي وهڪري کي روڪڻ سان گڏوگڏ قانوني مائيگريشن جي لاءِ رستا پڻ ڳوليا وڃن. ان ڏس ۾ وزيراعظم يونان پاران قانوني مائيگريشن چينلز جي لاءِ قدمن کي ساراهيو جنهن سان پاڪستاني هنرمند ليبر جي لاءِ پڻ راهون کلنديون. وزيراعظم افغانستان ۾ سنگين انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۽ معاشي بدحالي کي روڪڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته 40 ملين افغان عوام جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ افغانستان جي منجمند اثاثن کي بحال ڪرڻ پڻ لازمي آهي ڇو ته ان سان هڪ پائيدار افغان معيشت جي تعمير ۽ افغانين جي وڏي پئماني تي ٻين ملڪن ۾ چرپر ي روڪڻ ۾ مدد ملندي. يونان جي وزير ميتاراچي پاڪستان يونان لاڳاپن ۽ ٻطرفي گڏيل مٽاسٽا جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ميتاراچي وزيراعظم عمران خان کي يونان جي وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچائيندي وزيراعظم کي يونان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. وزير ميتاراچي يونان جي معيشت ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي نتيجاخيز ڪردار کي ساراهيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قانوني مائيگريشن جي لاءِ تجويز ڪيل منصوبي جو خاڪو پڻ پيش ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
All parties should work together for new provinces: Shahid Khaqan
-
Coronavirus: Section 144 imposed in Pakistan for one month
-
With five more coronavirus cases, Pakistan’s tally hits 33
-
Coronavirus: Section 144 imposed in Pakistan for one month
-
Superintendent at CM’s office dies
-
Services Hospital Lahore MS removed for ‘mishandling’ coronavirus measures
-
IHC hears contempt case against APP management today
-
Syrian war, rumbling into 10th year, still has global impact
-
Coronavirus: COAS orders Army to take steps for well being of people in country
-
FO suspends walk-in consular services due to coronavirus
-
PMD predicts heavy rainfall across country from March 20
-
Coronavirus: special prayer session held at Presidency