اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چاڊ جي پنهنجي هم منصب محمد زين شريف سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي تعاون جي موجوده نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان ۽ چاڊ جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي، سفارتي، واپاري ۽ دفاعي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چاڊ جي وچ ۾ گڏيل اعتماد تي ٻڌل گڏيل تاريخ ۽ حصيداري جي بنياد تي ٻطرفا لاڳاپا هموار آهن. پرڏيهي وزير گڏيل قومن، آفريقي يونين ۽ او آءِ سي سميت علائقائي ۽ عالمي فورمز تي چاڊ جي مثبت ۽ فعال ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ چاڊ هم منصب کي حڪومت جي انگيج آفريقا پاليسي جي مقصدن کان آگاهه ڪندي ان سلسلي ۾ هن وقت تائين کنيل ٺوس قدمن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ”انگيج آفريقا“ پاليسي جي تحت نيروبي ۽ ابوجا ۾ ترتيبوار جنوري 2020ع ۽ نومبر 2021ع ۾ ٻن علائقائي واپاري اي ڪانفرنس جو ڪامياب انعقاد ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي تعاون جي موجوده نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان ۽ چاڊ جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي، سفارتي، واپاري ۽ دفاعي تعاون کي وڌائڻ ۽ پنهنجي لاڳاپيل وزارتن جي وچ ۾ مسلسل رابطن جي ذريعي ٻطرفي ميڪنزم قائم ڪرڻ ۽ چاڊ جي نوجوان سفارتڪارن کي فارن سروسز اڪيڊمي اسلام آباد ۾ تربيت جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Two killed after house roof collapsed
-
Faruqui inaugurates speedy complaint redressal mechanism
-
CPEC key to connectivity, development: Dr Huang
-
PMs decision on COAS wise: Marriyum
-
Indus Hospital commemorates World Diabetes Day
-
Will topple govt if demands not met, PPP warns PML-N
-
Senior most generals hardly become COAS, history reveals
-
Police detain 19 suspects in pre-dawn raids
-
COAS stresses coordination among army, PAF and navy
-
FIR filed for PML-N worker found dead at Chamba House
-
Police detain 19 suspects in pre-dawn raids
-
FIR filed for PML-N worker found dead at Chamba House