اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪورونا جي موجوده صورتحال کي پريشان ڪندڙ قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته وبا جي وڌيڪ پکيڙ کي روڪڻ لاءِ پوري قوم کي احتياطي تدبيرون لازمي اختيار ڪرڻيون پونديون. ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ صدر چيو ته اسان جي خطي ۾ ڪورونا جي ڪري پريشاني وڌي رهي آهي، پاڪستان ۾ تقريبن 5 هزار ڪورونا ڪيسز ٿي چڪا آهن ۽ فوتگين ۾ به اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪورونا ڪيس وڌيڪ وڌيا ته ڳالهه اسپتالن جي وس مان نڪري ويندي. صدر چيو ته حضور ﷺ مسلمانن کي نظم ۽ ضبط جي تعليم ڏني، سڀني تي لازمي آهي ته حضور ﷺ جي امت هجڻ جي ناطي نبي ﷺ جي هدايتن تي عمل ڪريون، هن چيو ته مسلمان قوم ان آزمائش ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ احتياط اختيار ڪري، رمضان، تراويح، يوم علي، عيد جي موقعي تي ماسڪ پائڻ سميت سمورن ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻائين.
متعلقہ مضامین
-
PM apprised on legislation to criminalize enforced disappearance
-
Police needs to change its conduct and behaviour towards people: Buzdar
-
Chinese consulate attack ‘facilitator’ arrested in UAE
-
PM apprised on legislation to criminalize enforced disappearance
-
Police needs to change its conduct and behaviour towards people: Buzdar
-
Extension in special powers granted to Rangers signed by Sindh govt
-
SC dismisses review petition against Asia Bibi’s acquittal
-
Gunmen kill nine in attack on police station in Loralai
-
SC dismisses review petition against Asia Bibi’s acquittal
-
Senate panel approves bill to raise marriage age limit to 18 years
-
Talpur, Majeed file review pleas in fake bank accounts case
-
Sahiwal victims’ family refuses to take part in identification parade