اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 144 فوتگيون ٿيون جنهن مان 57 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 5 هزار 870 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 85 سيڪڙو، لاهور ۾ 82 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 88 سيڪڙو ۽ مردان ۾ 65 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 76 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو، نوشهره ۾ 71 سيڪڙو ۽ مردان ۾ 70 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 53 هزار 818 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 12 هزار 659، پنجاب ۾ 26 هزار 91، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 729، اسلام آباد ۾ 4 هزار 713، بلوچستان ۾ 1 هزار 135، گلگت بلتستان ۾ 391، آزاد ڪشمير ۾ 1100 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 82 هزار 290 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 562 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 84 هزار 976 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 7 لک 84 هزار 108 آهي.
متعلقہ مضامین
-
LHC annoyed over NAB for failing to submit reply
-
Russia and Pakistan key stakeholders in Afghan peace: envoy
-
“US is very serious in troops withdrawal”: Taliban chief negotiator
-
PPP ready for ‘long march’ to protect 18th Amend: Bilawal
-
LHC annoyed over NAB for failing to submit reply
-
Zardari disqualification petition: political fights should be fought in parliament: IHC
-
Gunmen kill nine in attack on police station in Loralai
-
South Asia challenges to grow in 2019 due to India, Afghanistan elections: US
-
South Asia challenges to grow in 2019 due to India, Afghanistan elections: US
-
Sahiwal encounter illegal
-
Saudi crown prince to visit Pakistan; $14b investment expected
-
Constructions in H-17, zone-1 violating ICT By-Laws