اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊي ايٽ ملڪن کي اقتصادي، سماجي، صحت ۽ ٻين چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ترقي يافته ۽ اسرندڙ معيشتن طرفان عزم ۽ مالي وسيلن کي فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊي ايٽ سربراهه ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪووڊ – 19 وبائي مرض سبب 29 لک کان وڌيڪ ماڻهو فوت، اڍائي ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو بيروزگار ٿي ويا ۽ عالمي معاشي بحران جي نتيجي ۾ کربين ڊالر جو نقصان ٿيو، خاص طور ان وائرس غريب ملڪن ۽ انهن جي غريب طبقن کي سخت نقصان جي ور چاڙهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ امير ۽ غريب ملڪن ۽ انهن ملڪن جي اندر اڻبرابري ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته اسرندڙ ملڪن جي ماڻهن کي نه رڳو موذي وائرس پر بک کان بچڻ جا چئلينج سامهون آهن، هن چيو ته اڄ دنيا نوجوانن جي سڀ کان وڏي تعادد تي فخر ڪري ٿي، وبائي مرض پکڙڻ کان اڳ سڄي دنيا ۾ نوجوانن جو پنجون حصو بيروزگار هو ۽ 21 هين صدي جي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ کين تعليم ۽ هنر تائين پهچ نه آهي. وزيراعظم چيو ته ڊي ايٽ ملڪن ۾ 550 ملين جي آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، اسان جي نوجوانن ۾نه رڳو موقعن مان فائدو کڻڻ جي صلاحيت آهي پر گڏيل چئلينجن تي ضابطو آڻي سگهن ٿا. اسان کي نوجوانن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻا پوندا، ان لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال، انوويشن جو فروغ، نوجوانن جي تعليم، هنر ۽ تربيت ۾ سيڙپڪاري انتهائي اڻٽر آهي. پاڪستان ۾ اسان ڪامياب جوان، هنر مند پاڪستان، يوٿ انٽر پرينيورشپ اسڪيم، اور ڊجيٽل پاڪستان جهڙن پروگرامن جي ذريعي انهن قدمن تي عمل پيرا آهيون. وزيراعظم چيو ته موجوده دور ۾ تبديلي جي رفتار تيز ٿي چڪي آهي، انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي جي بريڪ ٿروزڪل جي سائنس فڪشن کي تيزي سان اڄ جي حقيقت ۾ تبديل ڪري رهي آهي، پنج سال اڳ ورلڊ اڪنامڪ فورم اڳڪٿي ڪئي هئي ته چوٿون صنعتي انقلاب ”اسان جي رهڻ، ڪم ڪرڻ ۽ هڪٻئي سان لاڳاپيل رهڻ جي انداز کي بنيادي طور تي بدلائي ڇڏيندو“ اڄ اسان ان انقلاب جي آمد کي محسوس ڪري رهيا آهيون.
متعلقہ مضامین
-
SC dismisses review petition against Asia Bibi’s acquittal
-
Air Chief on Falcon-Talon Exercise with US Air Force
-
Weapons were not brought in via train for Chinese Consulate attack: Railways SSP
-
CTD officials deny killing Sahiwal family
-
Cabinet examines names of 172 people on ECL; sends 32 to review committee
-
Russia terms minister’s statement ‘slip of tongue’ on Daesh moment
-
Chinese ‘Lion Dance’ enthralls audience
-
I will win the case against Shehbaz in Supreme Court: Sh Rasheed
-
Pakistan, Russia ink pipeline, oil and gas exploration accord
-
Ruling reserved on FIA’s plea in Mumbai attack case
-
Man shot dead outside sessions court Lahore
-
Moot debates changing role of teachers