اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان جا هنگري سان پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان هنگري سميت سمورن دوست ملڪن سان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن هنگري جي سفير بيلافيزيڪاس سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن جمعي ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ پارلياماني تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پارلياماني سفارتڪاري ذريعي ٻنهي ملڪن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا ۽ پاڪ – هنگري پارلياماني فرينڊشپ گروپ ذريعي گڏيل تعاون کي هٿي ملندي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق تعليم جي ميدان ۾ هنگري جي تعاون کي ساراهيو. سفير اسپيڪر جي هنگري لاءِ خير سگالي ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش تي ٿورن جو اظهار ڪيو. هنگري جي سفير به پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. سفير هنگري جي اسپيڪر طرفان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي پارلياماني وفد سان گڏ دوري جو دعوت نامو به ڏنو.
متعلقہ مضامین
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
All educational institutes in major cities of Punjab to be shut down: Shafqat Mahmood
-
IG Punjab directs Police to expedite progress on pending summaries of Police Department
-
Chairman NAB orders scrutiny of Public sector departments
-
Uzbek FM due in Islamabad today
-
Citizen centric policing to ensure free registration, prevention of crimes: IG Punjab
-
Peshawar high court orders immediate ban on TikTok over indecent content
-
Textile exporters outcry cotton crisis
-
Launch of Women in Policy Pakistan
-
First dengue fever case 2021 confirmed in Rawalpindi
-
Weekly inflation drops by 0.57pc
-
Opposition parties fail in their politics: Ghulam Sarwar