اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان ۾ معيشت جي استحڪام لاءِ پرڏيهي سيڙپڪاري ضروري آهي، سعودي سيڙپڪارن جو پاڪستان جو دورو ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، اهڙو اظهار هن پاڪستان سعودي عرب سيڙپڪاري فورم 2024ع کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته معيشت جي استحڪام لاءِ مختصر، وچولي ۽ ڊگهي عرصي وارين حڪمت عملين تي ڪم ڪيو پيو وڃي، جنهن سان ملڪي معيشت کي هٿي ملندي. حڪومت ڍانچا جاتي ۽ اقتصادي سڌارن تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن تي عملدرآمد لاءِ قدم به کنيا پيا وڃن. هن چيو ته توانائي جو شعبو تمام گهڻي اهميت رکي ٿو ۽ ان اهم شعبي ۾ سڌارا جاري آهن. هن چيو ته زراعت ۾ 5 سيڪڙو اضافو ٿي رهيو آهي ۽ هلندڙ سال ڪڻڪ ۽ چانورن سميت وڏن فصلن جي سٺي پيداوار ٿي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ جي کاتن جو توازن سٺو رهيو، ان سان گڏوگڏ ايف بي آر جي اوڳاڙين ۾ هلندڙ سال رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، مهانگائي گهٽجي 17 سيڪڙو تائين اچي وئي آهي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جا شيئرز به وڌي رهيا آهن. هن وزيراعظم شهباز شريف جي عالمي اقتصادي فورم ۾ شرڪت جو حوالو ڏيندي چيو ته سعودي عرب جو اهو هڪ ڪامياب دورو هو، جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي سهڪار جون راهون وڌيڪ کلنديون. گذريل ٻن هفتن ۾ سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ 3 اعليٰ سطحي وفدن جي ڏي وٺ ٿي آهي. هن چيو ته حڪومت هاڻي نجڪاري طرف وڌي رهي آهي ۽ پي آءِ اي جي پڻ نجڪاري ڪئي ويندي. ان موقعي تي پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان هڪٻئي جي ترقي ۾ شراڪتدار آهن ۽ اڄ سعودي عرب جي سيڙپڪارن ۽ واپارين جو پاڪستان جي معيشت ۾ تمام اهم ڪردار آهي.
متعلقہ مضامین
-
Naundero Health Center face crippling issues
-
Graft-buster goes after drug officials
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
Exorbitant fee of ICT colleges deprive students of higher education
-
CM unhappy with south Punjab secretaries’ performance
-
One dead, 30 injured as train derails near Rohri
-
Khalilzad in Islamabad for talks on new Afghan peace plan