اسلام آباد– 29 – مارچ (اي پي پي) آمريڪي صدر جو بائيڊن وزيراعظم محمد شهباز شريف کي خط لکيو آهي جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي سندس ۽ نئين چونڊيل حڪومت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آمريڪي صدر خط ۾ چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ حصيداري دنيا ۽ اسان جي عوام جي سلامتي يقيني بڻائڻ ۾ انتهائي اهم آهي، دنيا ۽ خطي کي درپيش وقت ج اهم ترين چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ آمريڪا پاڪستان سان گڏ بيٺل رهندو. آمريڪي صدر چيو ته عوامي صحت جو تحفظ، معاشي ترقي ۽ سڀني جي لاءِ تعليم گڏيل ويزن آهي جنهن کي گڏجي فروغ ڏيندا رهنداسين، آمريڪا پاڪستان گرين الائنس فريم ورڪ سان ماحولياتي بهتري جي لاءِ اسان پنهنجي اتحاد کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين. آمريڪي صدر چيو ته پائيدار زرعي ترقي، پاڻي انتظام ۽ 2022ع جي ٻوڏ جي تباهي آڻيندڙ اثرن کان بحالي ۾ پاڪستان جي معاونت جاري رکنداسين، پاڪستان سان گڏجي انساني حقن جي تحفظ ۽ ترقي جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهيون، ٻنهي قومن جي وچ ۾ قائم مضبوط پارٽنرشپ کي سگهه ڏينداسين. آمريڪي صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ قائم ويجهو رشتو وڌيڪ مضبوط بڻائينداسيبن.
متعلقہ مضامین
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
Quaid mausoleum sanctity case: Court asks police to probe Maryam, Safdar
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
AMAN-21-The message resonates
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
Another minor girl raped in Khairpur
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
Aman-21: the message resonates