اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڊيره اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي خودڪش حملي جي مذمت ڪندي پاڪ فوج جي جوانن صوبيدار ياسر شڪيل ۽ سپاهي طاهر نواز جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته دهشتگرد ملڪ جي امن ۽ استحڪام جا دشمن آهن. هن چيو ته دهشتگردي جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. هن چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، ملڪ ۽ قوم جي حفاظت جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ بهادر فرزندن کي سلام پيش ڪريون ٿا.
متعلقہ مضامین
-
Naundero Health Center face crippling issues
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
PTI supporters, PML-N leaders come to blows outside Parliament House
-
AMAN-21-The message resonates
-
SIREN to develop Conferencing system at Shah Abdul Latif University
-
Another minor girl raped in Khairpur
-
IHC throws ball in ECP’s court in Vawda disqualification case