لاهور – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمي ادارن تي زور ڏيندي چيو آهي ته اهي فلسطين ۾ اسرائيلي ظلمن جو نوٽيس وٺن، فلسطين ۾ اسرائيل پاران مع??وم ٻارن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اسرائيلي ظلم برداشت جوڳا نه آهن، اولهندي مفادن کي انساني حقن تي ترجيح ن?? ٿي ڏئي سگهجي، سعودي عرب مصنوعي ذهانت تي وڏي رقم خرچ ڪري رهيو آهي، سوشل ميڊيا جي طاقت کان ڪير انڪار نه ٿو ڪري سگهي، سوشل ميڊيا جي ذريعي طرح طرح جون جعلي خبرون ڦهلايون وڃن ٿيون، ٽيڪنالاجي جي ڪري مع??شري جي امير ۽ غريب طبقي جي وچ ۾ فرق وڌي ويو آهي. هو لاهور ۾ تحريڪ پاڪستان ورڪرز ٽرسٽ جي اهتمام هيٺ سالياني 29 هين عطائي گولڊ ميڊل تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي مشاهد حسين سيد، وائيس چيئرمين تحريڪ پاڪستان ٽرسٽ ميان فاروق الطاف، مجيب الرحمان شامي، ڪرنل (ر) محمد سليم ملڪ سميت ٻيا ماڻهو موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جن ماڻهن پاڪستان جي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو انهن جي لاءِ هي گولڊ ميڊل ڪا خاص حيثيت نٿو رکي پر انهن شخصيتن جو ان ۾ ڪردار وسارڻ جوڳو نه آهي، نظريه پاڪستان جي آفيس ۾ انهن جون تصويرون به لڳل آهن جيڪي پاڪستان کي وجود ۾ آڻڻ جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ ڪوششن کي استعمال ۾ آندو. هن چيو ته مسلمانن کي جهڙي طرح 1857ع جي جنگ ۾ شهيد ڪيو ويو ان کانپوءِ سر سيد احمد خان چيو ته مسلمانن کي گهرجي ته اهي علم حاصل ڪن ته جيئن اهي هر ميدان ۾ اڳتي وڌن ۽ اهڙي قيادت ميسر هجي جيڪا ان قابل هجي ته ان ۾ ڪامياب زندگي گذارڻ جون سوريون خوبيون موجود هجن ۽ اهي علم سان ليس هجن. هن چيو ته سر سيد علي خان چيو هو ته اسان کي 20 کان 25 سال گهرجن ته جيئن مسلمان علم حاصل ڪري سائنس ۽ جديد علم جي ميدان ۾ اڳتي وڌن جيئن ته اهڙي طرح سان جيڪي مسلمان اڳتي وڌي قيادت سنڀاليندا اهي مسلمانن جي صحيح رهنمائي ڪري سگهندا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جديد رياست کانسواءِ مسلمان اڳتي نٿا وڌي سگهن، علامه اقبال به ان ڳالهه تي زور ڏنو هو ته مسلمان انگريزي، جديد ۽ سائنسي علم پڻ حاصل ڪن ته جيئن اهي ننڍي کنڊ ۾ رهندڙ باقي قومن جو مقا??لو ڪري سگهن. هن چيو ته قائداعظم ڪڏهن به فرقه پرستي تي ڳالهه نه ڪئي پر قائداعظم مسلم اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو بنياد رکي ان جي تربيت ڪئي. هن چيو ته غزه ۾ جهڙي طرح سان مسلمانن کي شهيد ڪيو پيو وڃي اهو مذمت جوڳو آهي پر افسوس اهو ته يورپ ۽ يو اين او پاران اهڙي طرح جي مذمت نه ڪئي وئي جيڪا ڪرڻ گهرجي ها، غزه ۾ اخلاقيات جو جنازو ڪڍيو ويو آهي ۽ مسلمانن کي بيدرديءَ سان شهيد ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته مسلمانن کي جيڪڏهن اڳتي وڌڻو آهي ته قرآن ۽ سنت ۽ خلفاءِ راشدين جي قانون کي لاڳو ڪري ئي اڳتي وڌي سگهجي ٿو، اسان جي بقاءَ قرآن ۽ سنت تي عمل ڪرڻ ۾ آهي. هن چيو ته حضور پاڪ ﷺ پٺتي پيل طبقي جي مدد ڪئي ۽ انهن انصاف کي ترجيح ڏني، انهن مديني جي رياست کان اڳ ئي انهن سمورين شين کي مع??شري ۾ لاڳو ڪيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جهڙي طرح شام جي ٻارن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون اهي تمام دل ڏکوئيندڙ هيون اهڙي طرح سان غزه ۾ ٻارن کي شهيد ڪيو ويو آهي جنهن کي ڏسي دنيا کي ان جي مذمت ڪرڻ گهرجي.
متعلقہ مضامین
-
ایمیزون کنگڈم آفیشل انٹرٹینمنٹ انٹرنس
-
Rangers initiate WhatsApp helpline
-
CPEC to benefit Pakistan as well as whole region
-
PTI to shut Lahore down if govt interrupts Raiwind march
-
Seminar held on importance of organic food
-
فوری پیغام رسانی اور گیم آفیشل ویب سائٹ کی خصوصیات
-
گیٹس آف اولمپس آفیشل گیم ویب سائٹ مکمل گائیڈ اور تفصیلات
-
جیک پاٹ سلاٹ مشین آفیشل گیم کی آفیشل ویب سائٹ کے بارے میں مکمل معلومات
-
الیکٹرانک سٹی کی معروف بیٹنگ ویب سائٹ کی خصوصیات اور خدمات
-
RSG electronic ایپ: تفریح کا جدید ترین پلیٹ فارم
-
ہلا ایپ گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ کرنے کا طریقہ اور خصوصیات
-
ٹیبل گیمز ایپ اور مینورینٹین ویب سائٹ کا نیا تجربہ