اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون جاري آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته والاريل علائقي ۾ عورتون پنهنجي خاندانن ۽ برادرين کي غيرقانوني ۽ زبردستي ڀارتي قبضي جي خلاف بيهڻ تي سزا ڏيڻ جي ذريعي اڪثر تشدد ۽ جارحيت جو نشانو بڻجنديون رهيون آهن. هن چيو ته ڀارتي قابض فوج نام نهاد ”ڪورڊن اينڊ سرچ آپريشنز“ دوران نوجوان عورتن کي اغوا ۽ هراسان ڪرڻ کي پوري برادرين کي سزا ڏيڻ جي لاءِ هڪ هٿيار طور استعمال ڪيو آهي. ترجمان چيو ته عورتن جي خلاف تشدد جون اهي ڪارروايون جاري آهن جن کي آرمڊ فورسز اسپيشل پاورز ايڪٽ جهڙن سخت قانونن سان سگهه ملي ٿي جيڪي ڀارتي قابض فورسز کي انهن جي جنسي تشدد جي ڏوهن جي لاءِ قانوني چاره جوئي کان بچائين ٿا. هن چيو ته ڏوهارين جي احتساب جي کوٽ والاريل علائقي ۾ عصمت دري جو شڪار ٿيندڙن جي لاءِ انصاف جي عدم موجودگي جي وضاحت ڪري ٿي. ترجمان چيو ته انساني حقن جون اهي خلاف ورزيون ختم ٿيڻ گهرجن ته جيئن ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جون عورتون امن ۽ وقار سان رهي سگهن.
متعلقہ مضامین
-
Ufone partner with Islamabad United for 6th season of PSL
-
Close contest likely in Old Ravians Unions polls
-
33 more lose battle of life against coronavirus
-
6.4-magnitude earthquake jolts several cities in Pakistan
-
Gas companies’ UfG growing alarmingly despite spending billions to arrest losses
-
Ali Sadpara shines as symbol of brilliance: nation salutes climber with high hopes
-
Opp stance against open balloting in Senate election ‘illogical’: Shibli
-
Rana Tahir kareem meets CM Usman Buzdar
-
Uogians condemn Indian brutalities on Kashmiris
-
Indian Conspiracies and the Role of Pak Army
-
NLC completes 95% work on CPEC Western Route Package-1
-
Army conducts tactical drills in Thar desert