اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اسان جو بنيادي مينڊيٽ اليڪشن ڪميشن جي مقرر تاريخ تي چونڊون منعقد ڪرائڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي، اسان هڪ ذميوار آئيني نگران حڪومت آهيون، اسان ڪنهن اهم آئيني عهدي جي خلاف چڙهائي نه ٿا ڪري سگهون، نه ان جو حصو بڻجي سگهون ٿا، اسان پنهنجي حلف جي پاسداري ڪنداسين، گذريل حڪومت سياسي اتحاد ٺاهي هئي، ان دور ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جي وضاحت انهن کي پاڻ ڪرڻ گهرجي، اسان جو ڪم اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته بجلي، گئس ۽ ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ اضافي جو پتو آهي، گذريل ڏينهن ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو، رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي جنهن جي ڪري معاشي مشڪلاتون پيدا ٿيون. هن چيو ته ايندڙ هفتي اسان معاشي بحالي جو منصوبو ڏيڻ وڃي رهيا آهيون. مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران وفاقي ڪابينا ۾ شامل سموريون شخصيتون پنهنجي پنهنجي شعبن جون ماهر آهن، اسان جي ڪوشش هوندي ته جنهن حالت ۾ اسان کي ملڪ مليو ان کان بهتر حالت ۾ ڏئي وڃون، اسان کي ڪفايت شعاري سميت اهم قدم کڻڻا پوندا جنهن سان معيشت بحال ٿئي. هڪ سوال تي هن چيو ته اهو اسان جو ڪم نه آهي ته ڪنهن جي حق يا مخالفت ۾ عدالتي معاملن ۾ مداخلت ڪريون، ڊڄڻ انهن ماڻهن کي گهرجي جيڪي قانون ۽ آئين جي خلاف ڪم ڪن ٿا، اسان آئين ۽ قانون جو احترام ڪريون ٿا. 9 مئي سانحي جي حوالي سان سوال تي هن چيو ته ڪنهن سياسي پارٽي اهڙو عمل ناهي ڪيو جيڪو 9 مئي تي ٿيو، 9 مئي سانحي سان جمهوريت مضبوط نه ڪمزور ٿي آهي، 9 مئي سانحي تي فيصلو عدالتن کي ڪرڻو آهي جنهن جو اسان کي احترام آهي، انصاف ئي اسان جو ڇوٽڪارو آهي، انتقام اسان جو ڇوٽڪارو نه آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي پاڪستاني شهرين جي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي حوالي سان بيان بابت سوال تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران وزيراعظم جي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو.
متعلقہ مضامین
-
Abbasi accuses NA speaker regarding attendance of detained legislators
-
Abbasi accuses NA speaker regarding attendance of detained legislators
-
Indian Fascists have Crossed all limits: Gen Raheel Sharif
-
CJP forms seven-judge bench to hear Justice Isa’s petition
-
By-election for PS-11 to be held on Oct 17
-
Mandokhel to assume charge as BHC CJ
-
Every detained MNA should be allowed to attend sessions: Abbasi
-
PM hails support of 58 countries on Kashmir crisis
-
Top army, navy officers visit SC
-
Italian envoy hails PRCS humanitarian services
-
Life remains paralysed in IHK for sixth consecutive week
-
Life remains paralysed in IHK for sixth consecutive week