اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ موثر حڪمت عملي تحت بلوچستان ۾ نوڪرين ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن اها ڳالهه ڪوئيٽا ۾ بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. نگران وزيراعظم بجيٽ ۽ مصارف ۾ بهتر طريقيڪار تحت توازن کي برقرار رکندي وسيلن جي مناسب استعمال جي ضرورت تي زور ڀريو. اجلاس ۾ نگران وڏو وزير، وزير ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان معدنيات جي حوالي سان وسيع صلاحيت رکندڙ آهي جنهن سان ملڪ جي معيشت جي ترقي جي حوالي سان فائدو کڻي سگهجي ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته معدنيات سان مالا مال علائقن ۾ مواصلات جي موثر بنيادي ڍانچي جي موجودگي ۾ انهن وسيلن مان موثر طريقي سان فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري بلوچستان وزيراعظم کي صوبي جي جاري ۽ تجويز ڪيل ترقياتي منصوبن بابت بريفگن پڻ ڏني.
متعلقہ مضامین
-
National tally of active coronavirus cases hits 38,511; 85 more lose lives
-
PDM trying to ‘oust’ an elected govt: PTI
-
CPEC: Prospects for Pakistan’s Blue Economy
-
Two including a girl killed in different firing incidents in TANK
-
Health ministry wants legislation to impose tax on tobacco
-
Two including a girl killed in different firing incidents in TANK
-
Pakistan-Kazakhstan Bilateral Relations
-
Cabinet to discuss gas load management plan on Tuesday
-
Public service best answer to politics of chaos: Firdous
-
Pakistan Post moves up to 67th position in world rankings
-
Two die, seven injured in Panjgur blast
-
Opposition’s movement nears end as PDM set to fall apart: Fawad