اسلام آباد -12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن جي عالمي ڏينهن تي پاڪستاني نوجوانن کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته نوجوان اسان جو مستقبل آهن، نوجوانن جي ترقي ۽ خوشحالي پاڪستان جي ترقي جي ضامن آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي جيڪا نوجوانن تي ٻڌل آهي کي نوجوانن جي عالمي ڏينهن تي تمام گهڻيون مبارڪون هجن، پاڪستان کي جتي رب ڪريم بيشمار قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي، اتي اسان جي نوجوان افرادي قوت اسان جي سڀ کان وڏي طاقت آهي. بدقسمتي سان ماضي م نوجوانن جي ترقي لاءِ ڪو خاص توجهه نه ڏنو ويو پر الله تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان جڏهن عوام مون کي پنهنجي اعتماد سان پنهنجي خدمت جي ذميواري سونپي ته مون پنهنجون سموريون توانايون انهن ڪوششن ۾ صرف ڪيون. گذريل 15 مهينن ۾ نوجوانن لاءِ عالمي معيار جي تعليمي سهولتن، عالمي گهرجن سان هم آهنگ پيشيواراڻي تربيت، لاتعداد وظيفن، انڊومنٽ فنڊن، راندين جي سهولت، ليپ ٽاپس ۽ آسان قرض فراهم ڪيا. نوجوان اسان جو مستقبل اهن ۽ ملڪ جو معمار آهن. نوجوانن جي ترقي ۽ خوشحالي پاڪستان جي ترقي جي ضامن آهي.
متعلقہ مضامین
-
World must take notice of Indian atrocities in Kashmir: governor
-
PM, KP CM discuss development projects in province
-
DRAP approves Covid-19 rapid testing kit
-
MDCAT 2020: SHC rejects contempt plea against PMC
-
Gwadar port gets China’s support for greater role in region
-
Afghan president pardons several Pakistani prisoners
-
Shelter homes- a leap forward towards a welfare state
-
Mahira Khan and Dr Sania Nishtar make it to BBC’s list of 100 influential women of 2020
-
Fighter pilot Marium Mukhtar being remembered on 5th death anniversary
-
Fighter pilot Marium Mukhtar being remembered on 5th death anniversary
-
Transfer of NAB cases to Karachi: SC admits Zardari’s plea for hearing
-
Fighter pilot Marium Mukhtar being remembered on 5th death anniversary