اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته اطلاعات واري وزير جي حيثيت سان پنهنجو مدو ختم ٿيڻ کان اڳ پاڪستان جي پهرين ميوزڪ پاليسي جاري ڪرڻ تي خوشي آهي. وفاقي ڪابينا گذريل ڏينهن 9 آگسٽ تي پنهنجي الوداعي اجلاس ۾ ميوزڪ پاليسي جي منظوري ڏني. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته ميوزڪ پاليسي جون نمايان خصوصيتون پاڪستان جي موسيقي جي عظيم ورثي جو تحفظ، موسيقي جي موجوده منظرنامي جي ترويج ۽ ترقي ۽ قانوني فريم ورڪ جي ذريعي ميوزيڪل ورڪ جو تحفظ شامل آهي، جيڪو فنڪارن جي لاءِ استعمال ۾ آسان، لاڳو ڪرڻ ۾ جامع ۽ ٽيڪنيڪي ترقي موجب آڻڻ جي قابل آهي. مريم اورنگزيب انهن سڀني ماڻهن جا ٿورا مڃيا جن ان تاريخي پاليسي ۾ تعاون ڪيو، جن ۾ فنڪار، وڪيل ۽ اطلاعات واري وزارت جا عملدار شامل آهن. اڳوڻي وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڪابينا جا به ٿورا مڃيا جن ان پاليسي جي منظوري ڏني ۽ ان کي حقيقت بڻائڻ ۾ مدد ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
PSX: Rollover week, Covid-19 fears weigh down Kse-100 by 426 points
-
PM wants police to ‘treat common man like VIP’
-
CM Balochistan reviews development projects, copping spread of COVID-19
-
LB polls in IIOJK attempt to validate Indian illegal actions: Masood Khan
-
Chandka hospital BoM meets
-
Theft suspect found hanged in lockup
-
Theft suspect found hanged in lockup
-
Govt to resolve issues of business people
-
Private sector to boost defence armaments export
-
Woman killed by husband
-
Woman killed by husband
-
Immunity of another kind