اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض جي ملاقات دوران نگران وزيراعظم جي نالن تي مشاورت ڪئي وئي. ملاقات ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ان اهم قومي معاملي تي وڌيڪ غور فڪر کانپوءِ سڀاڻي جمعي ڏينهن ٻيهر مشاورت ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آئين جي روشني ۾ مخالف ڌر اڳواڻ کي نگران وزيراعظم جي مقرري جي لاءِ مشاورت جي حوالي سان ملاقات جي دعوت ڏني هئي. ملاقات ۾ وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي وچ ۾ نگران وزيراعظم جي نالن تي مشاورت جو پهريون دور خوشگوار ماحول ۾ ٿيو. ملاقات ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ان اهم قومي معاملن تي وڌيڪ غور فڪر کانپوءِ سڀاڻي جمعي ڏينهن ٻيهر مشاورت ڪئي ويندي.
متعلقہ مضامین
-
PM Imran Khan to visit Lahore today
-
PM Imran Khan to visit Lahore today
-
Sindh reports 1384 Covid-19 cases, eight deaths in a day: CM
-
SHC accepts Khursheed’s plea for hearing in assets case
-
UAE suspends new visas for Pakistan due to ‘security concerns’: report
-
Pakistan hands over dossier on Indian terrorism inside Pakistan to UN chief
-
Hospitals full as second wave of virus grips Pakistan
-
Auction of plot: ‘favouritism’ inflicts Rs 10bn loss to CDA
-
Pakistan committed to play leadership role in tackling climate change: PM
-
Alarm in SC as Covid-affected lawyer attends proceedings
-
PM rules out ‘complete lockdown’ in Pakistan
-
UAE suspends new visas for Pakistan due to ‘security concerns’: report