اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جي پوري سياست ڪوڙ ۽ الزام بازي تي ٻڌل آهي، مسلسل چار سال کان اهي ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، عمران خان ملڪ جي اندر ڪارٽلز ۽ مافياز کي مڙهي پاڪستان جي عوام کي ڦريو، اپوزيشن کي جيلن ۾ بند ڪيو، هاڻي مٿس اڍائي هفتي کان خوف طاري آهي ته جيڪڏهن مهانگائي گهٽ ٿي وئي ته اهي ماڻهن کي ڪهڙو جواب ڏيندا، چار سال هنن هڪ منصوبو شروع نه ڪيو ۽ 43 هزار ارب رپين جا قرض ورتا، ٻه ڪروڙ ماڻهن کي غربت جي لڪير کان هيٺ ڌڪيو، چار سال چوري، مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جي الزام هڻندا رهيا پر ثابت ڪجهه نه ڪري سگهيا. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان چار سال اقتدار ۾ رهي طاقت جو ناجائز استعمال ڪيو ۽ نيب ۽ ايف آءِ اي سميت سمورن ادارن کي مخالف ڌر جي پٺيان لڳائي ڇڏيو. هن چيو ته جڏهن انهن کي ڪو ڪيس نه مليو ته اينٽي نارڪوٽڪس جي اداري کي راڻا ثناءُ الله جي پٺيان لڳائي ڇڏيو، ٻه ڀيرا مخالف ڌر اڳواڻ کي گرفتار ڪيو ويو پر انهن کي ڪجهه به نه مليو. مريم اورنگزيب چيو ته فرح گوگي ۽ شهزاد اڪبر جا داستان سڀني جي سامهون آهن، اهي ٻئي بني گالا جا فرنٽ پرسن هئا. هن چيو ته اهي ماڻهو چار سال تائين ڪرپشن، مني لانڊرنگ ۽ چوري جا الزام ئي لڳائيندا رهيا پر هڪ رپئي جي ڪرپشن ٿابت نه ڪري سگهيا، پاڪستان جي ڪنهن عدالت ۾ اهي ثبوت پيش نه ڪري سگهيا. نيب ۽ ايف آءِ اي کي استعمال ڪري انهن عدالتن ۾ جعلي ڪاغذ جمع ڪرايا پر ڪرپشن جو ڪو ثبوت نه مليو، انهن نيب جا ڪاغذ ۽ سرڪاري رڪارڊ غيرقانوني طور تي ڊيوڊ روز کي گهرائي ڏنو جنهن ڊيلي ميل ۾ هڪ خبر شايع ڪري ڇڏي جنهن کانپوءِ اڄ تائين هو برطانيا جي عدالتن ۾ معافي گهري رهيو آهي ته اسان کي عمران خان ۽ شهزاد اڪبر چيو هو ته ڪوڙي خبر لڳايو. هن چيو ته هن ئي پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪري ڪاغذ لهرائي چيو ويندو هو ته اڄ اسان اربين رپيا ريڪور ڪري ورتا، پر حقيقت ۾ ڪجهه نه هو، نيب ۽ ايف آءِ اي کي استعمال ڪرڻ جي باوجود اهي ڪرپشن ثابت نه ڪري سگهيا، نيشنل ڪرائم ايجنسي کي ايف آءِ اي ۽ نيب جو سڄو رڪارڊ موڪليو ويو، اين سي اي جي اندر نواز شريف، شهباز شريف، مريم نواز، حمزه شهباز سميت شريف فيملي جي خلاف ثبوت موڪليا ويا پر هڪ رپئي جي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ ثابت نه ڪري سگهيا. هن چيو ته پاڪستان جي عوام ان نالائق ٽولي کي پارليامينٽ مان کڻي ٻاهر اڇلائي ڇڏيو. هنن آئين شڪني ڪئي، ٻين تي ڪرپشن جا الزام لڳائيندا رهيا پر ثابت ڪجهه نه ڪري سگهيا. هن چيو ته اقتدار ڇڏيندي اڃا 20 ڏينهن گذريا آهن، انهن جي خلاف هر ڏينهن ڪرپشن جو اسڪينڊل سامهون اچي رهيو آهي. اڄ چون ٿا ته فرح گجر تي ڪو ڪيس نه ٿو ٺهي، هو آفيس هولڊر نه هئي ته مريم نواز ڇا هئي، هو آفيس هولڊر هئي؟ جيڪي آفيس هولڊر هئا انهن تي ڪهڙو الزام ثابت ٿي سگهيو آهي، فرح گوگي پنجاب ۾ ان جي فرنٽ پرسن هئي، ان جي اثاثن ۾ اربين رپين جو اضافو ٿيو، پنجاب ۾ ٿيندڙ مقرري پئسا وٺي ڪئي ويندي هئي، پرائم منسٽر انڪليو ۾ ايسيٽ ريڪوري يونٽ نه ايسيٽ ميڪنگ يونٽ قائم ڪيو. شهزاد اڪبر ايسيٽ ريڪوري يونٽ مان پئسا ٺاهي ڏنا، اٽو، کنڊ اسڪينڊل سان انهن اٽي ۽ کنڊ جي ملز کان به پئسا کاڌا. هن چيو ته عمران خان واحد وزيراعظم هو جنهن دوست ملڪن جا تحفا وٺي انهن جي ملڪن ۾ وڪرو ڪيا. هن چيو ته ڪو به وزيراعظم پنهنجي سيڪيورٽي جي لاءِ گاڏيون رکي سگهي ٿو، عمران خان بي ايم ڊبليو ايڪس فائيو گاڏي پاڻ سان گڏ کڻي ويو، هي اها گاڏي هئي جيڪا غيرملڪي شخصيتن جي لاءِ استعمال ڪئي ويندي هئي، اها پول جي گاڏي هئي، 2016ع ۾ غيرملڪي شخصيتن جي لاءِ اها گاڏي خريد ڪئي وئي، عمران خان درخواست ڪئي ته اها گاڏي واپس ورتي وڃي ڇو ته اها هاڻي خراب ٿي وئي آهي ۽ مون کي وي ايٽ ڏني وڃي. هن چيو ته عمران خان واحد وزيراعظم هو جيڪو توشه خانه جو چور آهي، مينٽيننس به عوام جي ٽيڪس جي پئسن سان ڪرائي رهيو آهي. هن چيو ته قانون هجڻ جي باوجود نواز شريف جڏهن وزيراعظم هو ته هو ڪا گاڏي پاڻ سان گڏ نه کڻي ويو، عمران خان وٽ هڪ پسٽل به آهي جيڪا اسمگل ٿي پاڪستان آئي، اها پستول توشه خانه ۾ ڊڪليئر ئي نه ٿي، اها به عمران خان وٽ آهي. هن چيو ته جن کي وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي ٺاهڻو هو، اهي ويندي ويندي وزيراعظم هائوس جي صوفن جون گديون به کڻي ويا، صوفا انهن کان کڄي نه سگهيا، پاڪستان جي عوام جي هڪ هڪ پئسي جو حساب ورتو ويندو. هن چيو ته جڏهن نواز شريف تي الزام هنيا ويا ته رڳو اقامه نڪتو، پاناما ۽ ڪرپشن تي نواز شريف کي نه هٽايو ويو، نه ڪرپشن، نه مني لانڊرنگ ۽ نه ڪو ٻيو الزام ثابت ٿيو. هن چيو ته شهباز شريف تي الزام هنيا ويا پر هڪ ٽڪو به ثابت نه ڪري سگهيا. هن چيو ته پاڪستان جي عوام هاڻي ڄاڻي چڪي آهي، هاڻي انهن جي ڳالهين ۾ اچڻ واري نه آهي، عوام هاڻي انهن جي گلي ۾ جوتن جا هار وجهندي. هن چيو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر ڪٿي آهن، آءِ ايم ايف سان معاهدي ۾ سخت شرطن جي ڪري اڄ مهانگائي آهي، اڄ بيروزگاري جو ذميوار عمران خان آهي. عمران خان مئي جي آخر ۾ لانگ مارچ نه پنهنجي منفي سياست جي خاتمي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، عوام چورن، ڪوڙن، مافياز ۽ ڪارٽلز جي وچ ۾ فرق سمجهي چڪي آهي. هن چيو ته عمران خان سعودي عرب جي ڪرائون پرنس پاران شهباز شريف کي پيش ڪيل گارڊ آف آرنر جي وڊيو ڏسي ورتي آهي جنهن تي کيس مرچون لڳي ويون، عمران خان چار سال اقتدار ۾ رهندي سمورن مسلمان ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪيا، عمران خان پرڏيهي پاليسي کي به پنهنجي منفي سياست سان نقصان پهچايو، عمران خان سمجهي ٿو ته جيڪڏهن اڍائي هفتي ۾ شهباز شريف ايتريون ڪاميابيون حاصل ڪري ورتيون آهن ته ڏيڍ سال ۾ ڇا ٿيندو، عمران خان جي نالائقي جي ڪري اڄ ملڪ ۾ مهانگائي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته مهانگائي جا اثر عوام تي نه پون. هن چيو ته 27 پاور پلانٽس بند هئا جن کي بحال ڪيو ويو، پاڪستان جي عوام کي بجلي ملڻ شروع ٿي ويندي. هن چيو ته چار سالن کان بند ميٽرو منصوبي کي هلايو ويو، اڄ فيض آباد، روات ۽ پشاور موڙ کان ماڻهو ايئرپورٽ آساني سان وڃي رهيا آهن جتي اڳ ۾ انهن کي ٽي ٽي هزار رپيا ڪرايو ادا ڪرڻو پوندو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مديني جي رياست جي دعويدار پنهنجي ذهنيت جو گند مديني کڻي ويا. مدينه منوره ۾ انهن جيڪو ڪجهه ڪيو، ان جي پوري قوم مذمت ڪئي. هن چيو ته انهن مسجد نبوي ﷺ کي به سياست جي لاءِ استعمال ڪيو، اهو نبي ﷺ جو گهر هو، اتي درود شريف پڙهي انهن جي لاءِ هدايت جي دعا ڪئي، اڄ اتي جيڪي ماڻهو گرفتار ٿيا آهن اهي عمران خان جي ڪري گرفتار ٿيا آهن، اها پوري پلاننگ عمران خان جي حڪم تي ٿي هئي. هن چيو ته مون پنهنجو معاملو الله تعاليٰ تي ڇڏي ڏنو آهي، مون پاڻ ڏٺو ته ڪهڙي طرح اشارا ڪري گاريون ۽ نعرا لڳرايا پئي ويا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مسجد نبوي ﷺ ۾ وڏي آواز ۾ ڳالهائڻ تائين منع آهي، انهن ان جڳهه تي به منفي سياست ڪئي، اهو مڪافات عمل آهي، اڄ اهي ماڻهو اتان جي قانون جي شڪنجي ۾ آيا آهن، هاڻي انهن جا پاسپورٽ رد ٿي رهيا آهن ته ان جي ذميواري به عمران خان تي آهي، انهن کي خبر پئجي ويندي ته ان حرڪت جا اثر ڪهڙا پوندا. هن چيو ته عمران خان چار سال تائين ڪشڪول کڻي در در ڦرندو رهيو، سعودي عرب پهريون ڀيرو پاڪستان سان اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ طرف وڃي رهيا آهيون، مفتاح اسماعيل اتي موجود آهي، سعودي ڪرائون پرنس جي حڪمن موجب هڪ پورو پئڪيج تيار ٿي رهيو آهي. هن چيو ته گذريل حڪومت چار سال تائين پيٽرول ۽ ايل اين جي خريد نه ڪري سگهي، عمران خان هڪ ناڪام شخص ۽ توشه خانه جو چور آهي، عمران خان ملڪ جي اندر ڪارٽلز ۽ مافياز کي مڙهي پاڪستان جي عوام کي ڦريو، اپوزيشن کي جيلن ۾ بند ڪيو. اڍائي هفتي کان مٿس خوف طاري آهي ته جيڪڏهن مهانگائي گهٽ ٿي وئي ته عوام کي ڪهڙو جواب ڏيندا، ڇا اهو جواب ڏيندا ته هڪ منصوبو نه شروع ڪيو ۽ 43 هزار ارب جو قرض ورتو ويو، انهن ٻه ڪروڙ ماڻهن کي غربت جي لڪير کان هيٺ ڪيو، ماڻهن سان ڪوڙ ڳالهايو، پنهنجي غلاظت ۽ منفي سياست جي ذريعي ماڻهن تي پروپئگنڊه ڪئي ۽ هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت نه ٿي سگهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عوام ڪلمه حق بلند ڪري چڪي آهي، هاڻي پاڪستان ۾ ٻيهر ترقي ٿيندي، دوست ملڪن سان برابري جي سطح تي منصوبا ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ٿيندي. هن چيو ته عمران خان چوي ٿو ته ميڊيا بليڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو، اصل ۾ ميڊيا نه، انهن کي پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام ملڪي سياست مان بليڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته عمران خان گاڏيون پاڻ کڻي ويو آهي، ٻين تي الزام نه لڳائي، اهي جيڪي الزام هڻندا چماٽ انهن تي منهن تي پوندي، اڃا عمران خان کي توشه خانه جي انهن شين جو رڪارڊ به ڏيڻو آهي جيڪو اسمگل ڪري کڻي آيو. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي عوام هاڻي انهن جي اصليت ڄاڻي چڪي آهي، جيڪا ڪال انهن ڏني آهي پاڪستان جي عوام انهن جو رستو بند ڪندي. عمران خان معيشت کي نقصان پهچايو، ماڻهن کان انهن جو روزگار کسيو، عوام تي مهانگائي جا جبل ٽوڙيا، انهن سڀني جو ڏوهاري عمران خان آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جيڪو قانون کي هٿ ۾ کڻندو، قانون ان کي هٿ ۾ وٺندو، اها ڪا انتقامي ڪارروائي نه آهي، انتقامي ڪارروائي اها هوندي آهي جڏهن راڻا ثناءُ الله تي هيروئن جوا لزام هڻي کيس گرفتار ڪيو ويو، نواز شريف جي ڌيءَ کي هٿڪڙي لڳائي جيل ۾ پيءُ جي سامهون واري ڪمري ۾ رکيو ويو، شهباز شريف کي نماز جي لاءِ ڪرسي تائين نه ڏني ويندي هئي، شاهد خاقان عباسي، مفتاح اسماعيل ۽ سعد رفيق کي گرفتار ڪيو ويو، نيب ۽ ايف آءِ اي کي گڏ ملائي هڪ ڏينهن اڳ اعلان ڪيو ويندو هو ته سڀاڻي فلاڻو ماڻهو گرفتار ٿيندو، ايف آءِ اي کان زبردستي ڪيسز ٺهرايا ويا. هن چيو ته چار سال اسان سيني تي بهادري سان پٿر رکي انتقامي ڪارروايون برداشت ڪيون، اڄ جي تاريخ ۾ به ڪورٽ ڪيسز موجود آهن، روزانو صبح ٻنپهرن شام چون ٿا ته 90 سيڪڙو ڪابينا جي خلاف ڪيسز آهن، انهن سمورن ڪيسز ۾ بيلز ٿي چڪي آهي، اها عمران خان جي منهن تي چماٽ آهي. هن چيو ته جنهن جنهن قانون کي هٿ ۾ ورتو، پاڪستان جي عوام جو پئسو ڦريو، پاڪستان جي عوام جي منصوبن تي ڌاڙو وڌو انهن سمورن ماڻهن جو قانون موجب حساب ٿيندو. هڪ سوال تي هن چيو ته عمران خان قوم کي وزيراعظم هائوس جي گاڏين جو ڀاشن ڏئي رهيو آهي، قانون ۾ موجود آهي ته وزيراعظم گاڏي کڻي وڃي سگهي ٿو پر عمران خان جيڪا گاڏي گڏ کڻي ويو آهي اها پول جي گاڏي هئي. هڪ سوال تي هن چيو ته فرح گوگي عمران خان جي بي نامي هئي، 2018ع کان 2022ع تائين ان جي اثاثن ۾ اربين رپين جو اضافو ٿيو، شهزاد اڪبر جيڪا به ڪميشن ٺاهيندو هو ان ۾ ڦرلٽ جو پورو انتظام موجود هوندو هو. هن چيو ته اسان قوم جو وقت ضايع نه ڪنداسين، اسان منصوبا به لڳائينداسين، روزگار به ڏينداسين، دوست ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪنداسين پر انهن چورن جن پاڪستان جي عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦريو آهي، انهن کان قانون حساب وٺندو. هڪ سوال تي هن چيو ته افغانستان جي امن سان خطي جو امن ڳنڍيل آهي، افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاليسين ۽ قدمن جا اثر هن خطي تي به پون ٿا. هن ٻڌايو ته نيشنل ايڪشن پلان تي چار سال تائين ڪو اجلاس نه ٿيو، اڳوڻي حڪومت جي ترجيح رڳو نفرت ۽ الزام لڳائڻ هو. هن چيو ته جيڪو قانون پنهنجي هٿ ۾ کڻندو، قانون ان کي هٿ ۾ وٺندو. ڪنهن سان ڪا زيادتي نه ٿيندي، هي رياست آهي ۽ هتي جيڪو انتشار پکيڙيندو، قانون موجب ان کي منهن ڏيڻو پوندو. هڪ سوال تي هن چيو ته جڏهن اسان 11 اپريل تي حڪومت سنڀالي ته اسان کي ٻڌايو ويو ته پاور سيڪٽر ۽ پيٽروليم سيڪٽر ڪو ڪم ناهي ڪيو ڇو ته انهن کي نيب جو خوف هو. هن چيو ته بجلي ۽ گئس قيمتون مهانگيون ٿيڻ جي باوجود دستياب نه هئي، اٽو ۽ کنڊ دستياب نه هئي. مافياز ۽ ڪارٽلز جڏهن پاليسيون ٺاهيندا ته ملڪ جي عوام کي ريليف نه ٿو ملي سگهي. هن چيو ته اسان ٻارڻ، ڊيزل ۽ گئس ۽ پيٽرول جو بندوبست ڪيو، بجلي جا 27 بند يونٽس هئا جن مان رڳو ٽي يونٽس رهجي ويا آهن جن جي مرمت جو ڪم جاري آهي، باقي سمورا پلانٽس بحال ٿي چڪا آهن. هن چيو ته 7 مئي تائين ٻارڻ جو به هنگامي بنيادن تي بندوبست ٿي ويندو، پهرين مئي کان لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي آئي آهي. اهي فيڊرز جتي بجلي چوري ٿئي ٿي ان کانسواءِ سمورن جاين تي عيد دوران به زيرو لوڊشيڊنگ جي هدايت آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پهرين مئي کان عيد جي موڪلن دوران لوڊشيدنگ نه ٿيندي، 2018ع ۾ اسان لوڊشيڊنگ ختم ڪري ڏيکاري هئي، اڳوڻي حڪومت جي نالائقي جو خميازو اڄ عوام ڀوڳي رهي آهي.
متعلقہ مضامین
-
‘Mischievous’ attempt by India to twist Imran’s remarks slammed
-
DG Rangers Sindh visits Khadda market, supervises rescue opertaions
-
WHO recommends two week lockdown to curb COVID-19 in Pakistan
-
Pakistan China Joint Chamber of Commerce and Industry conduct think tank session today
-
Pakistan, IMF agree to raise govt employees’ salaries in budget
-
CDWP approves 7 communication projects in Balochistan
-
CDWP approves 7 communication projects in Balochistan
-
Martyrdom of nine Kashmiris worst case of persecution: Shibli
-
Govt urged to impose surcharge on tobacco products in budget 2020-21
-
Govt urged to impose surcharge on tobacco products in budget 2020-21
-
Gen Bajwa, Ghani discuss Afghan peace process, bilateral relations
-
NAB grills Shehbaz in assets beyond means case