اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي عوامي ريليف پئڪيج مخالف ڌر جون ننڊون اڏائي ڇڏيون آهن، بطور اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي عمران خان جي قدمن کي ساراهڻ گهرجي ها پر اخلاقيات ۽ (ن) ليگ ٻه جدا جدا شيون آهن. شاهد خاقان عباسي جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ عوام جي ريليف تي به ڪاوڙيل نظر آئي، (ن) ليگ جي اصل ايجنڊا آهي ڪهڙي؟. فرخ حبيب چيو ته اڄ اسان (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڪرپشن، ڦرلٽ ۽ ادارن کي تباهه ڪرڻ جو خميازو ڀوڳي رهيا آهيون، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي ذميوار (ن) ليگ آهي، اسان جي ڪوششن سان اهو گهٽ ٿيو آهي، اسحاق ڊار ڊالر جي مصنوعي ڪيپنگ ڪئي. هن چيو ته پيڪا قانون (ن) ليگ جو ٺاهيل آهي، موجوده حڪومت ته رڳو سزائون واضح ڪيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ جا ڪرپٽ ترين ماڻهو (ن) ليگ جو حصو آهن، جيڪڏهن سياست ۾ ڪنهن کي بيساکي جي ضرورت آهي ته اها نواز شريف ۽ شهباز شريف کي آهي، در در جا ڌڪا کائيندڙ مخالف ڌر جي هڪ ئي خواهش آهي ته انهن کي ڪنهن به طرح اين آر او ملي وڃي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سڀني چورن کي انهن جي انجام تائين پهچائي ساهه پٽيندو.
متعلقہ مضامین
-
Bilawal will become PM in 2018, claims Khursheed
-
Brawl over petty issue claims old mans life
-
Two killed after house roof collapsed
-
PM takes President Mamnoon into confidence over COAS appointment
-
Punjab to uplift healthcare with Turkeys help
-
CPEC key to connectivity, development: Dr Huang
-
CPEC key to connectivity, development: Dr Huang
-
SC moved to summon PM in Panamagate case
-
SC moved to summon PM in Panamagate case
-
Govt generates over Rs 60bn from privatisation of 98 industrial units: report
-
Demolishing WASAs Overhead Reservoir
-
PMs decision on COAS wise: Marriyum