ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ماسڪو ۾ گرينڊ مسجد ۽ اسلامڪ سينٽر جو دورو ڪيو. وفاقي وزير ۽ وفد سان ميمبر وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم عمران خان ۽ گرينڊ مفتي جي وچ ۾ اسلامو فوبيا جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ان مسجد جو ڪم گهڻو وقت اڳ شروع ٿيو پر ان کي 2014ع ۾ مڪمل ڪيو ويو. هن چيو ته مون کي دوري دوران ٻڌايو ويو آهي ته روس ۾ 2 هزار مسجدون آهن. وزيراعظم چيو ته منهنجي روس جي صدر ولادي مير پيوٽن سان اسلامو فوبيا جي حوالي سان ٺوس ۽ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هن چيو ته روسي صدر جو نبي ڪريم ﷺ جي حوالي سان محبت جو اظهار قابل تحسين ڳالهه آهي. هن چيو ته صدر سان ملاقات دوران مون چيو ته اسان کي ان صورتحال کي گڏجي منهن ڏيڻ گهرجي. بدقسمتي سان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اسلامو فوبيا جي حوالي سان نفرتون پيدا ٿي رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ان حوالي سان پوري ڪوشش ڪندو ته اولهندي ملڪن کي اسلام جي حوالي سان آگاهي ڏي ۽ ٻڌائي ته اسلام جو دهشتگردي سان ڪو به واسطو نه آهي. هن چيو ته روس جي گرينڊ مسجد هڪ خوبصوت مسجد آهي.
متعلقہ مضامین
-
Bilawal will become PM in 2018, claims Khursheed
-
PEMRA suspends licenses of Din News, Neo TV
-
PM takes President Mamnoon into confidence over COAS appointment
-
Security agencies foil terror attempt, recover arms from Chaghai
-
PM meets COAS, CJCSC designate separately
-
CPEC key to connectivity, development: Dr Huang
-
Two killed after house roof collapsed
-
PMs decision on COAS wise: Marriyum
-
Demolishing WASAs Overhead Reservoir
-
Govt generates over Rs 60bn from privatisation of 98 industrial units: report
-
Two guards killed in Pasni attack on gas company vehicle
-
CPEC key to connectivity, development: Dr Huang