ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ روس جي نائب وزيراعظم اليگزينڊر نوواڪ ٻنهي ملڪن جي معاشي لاڳاپن ۽ خاص طور تي توانائي جي شعبي ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ واپار، سيڙپڪاري، ريلوي ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ موجوده تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته بين الحڪومتي ڪميشن مختلف منصوبن تي وڌيڪ اڳڀرائي جي لاءِ انتهائي اهم پليٽ فارم آهي. روس جي نائب وزيراعظم اليگزينڊر نوواڪ وفد سان گڏ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان روس اقتصادي لاڳاپن ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون تي خصوصي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪاروباري ماحول ۾ بهتري جي لاءِ مختلف شعبن ۾ حڪومت جي سڌارن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم عمران خان ان يقين جو اظهار ڪيو ته روسي ڪمپنيون ۽ ڪاروباري ماڻهو پاڪستان جي بهتر ڪاروباري ماحول مان فائدو کڻنديون ۽ پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪنديون. وزيراعظم پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ فليگ شپ اقتصادي منصوبي طور واپار، سيڙپڪاري، ريلوي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته بين الحڪومتي ڪميشن مخصوص منصوبن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي. ملاقات کانپوءِ وزيراعظم عمران خان آجياڻي تي پاڪستان ۽ روس جي ناليوارن ڪاروباري ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان 22 ڪروڙ کان وڌيڪ جي مارڪيٽ طور واپار ۽ سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته مارچ ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ سيڙپڪاري ڪانفرنس سان ميٽالرجيڪل، توانائي، تعميرات ۽ تيل ۽ گئس ڪمپنين جي لاءِ پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي موقعن مان فائدو کڻڻ ۾ مدد ملندي. تقريب کي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم اعليٰ سطحي وفد سان گڏ روس جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ وزيراعظم ڪريملن ۾ صدر پيوٽن سان پڻ ملاقات ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Sharmila calls for promoting students from class 1 to 11 due to coronavirus
-
‘Stay safe, stay home,’ urges PM Imran as Christians celebrate a subdued Easter
-
Nature vs nurture: need for a new social contract
-
Early undergraduate admissions, online entry test introduced at UET Lahore
-
Nature vs nurture: need for a new social contract
-
Edge Foundation distributes food packs among COVID-19 affectees on Easter
-
Edge Foundation distributes food packs among COVID-19 affectees on Easter
-
Pensioners in Sindh still without money due to lack of funds
-
Nationwide coronavirus tally crosses 5,000; 762 patients recovered so far
-
Wi-tribe customers face an unusually long maintenance shutdown
-
Will CPEC be affected by coronavirus?
-
Coronavirus feedback: SC asks federal govt to remove Dr Zafar Mirza as SAPM on health