اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته روزاني ڊان پيٽرول جي اگهن ۾ اضافي جي اثرن ۽ ناڻي واري وزارت جي ترجمان جي فيڪ اڪائونٽ تان ٽوئيٽ بابت خبر ته پهرين صفحي تي نمايان انداز ۾ شايع ڪئي پر اڄ ٻئي ڏينهن ان تي ڪجهه لائينن جي معذرت اندر جي صفحي تي غيرنمايان انداز ۾ شايع ڪئي، اهو رويو صحافت جي آزادي جي خلاف آهي. وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اهو پهريون موقعو نه آهي جو ڊان فيڪ سوشل ميڊيا جي بنياد تي پهريون صفحو ڀري ڇڏيو هجي. هن چيو ته ڊان جي پهرين صفحي تي خبر ڏسو ۽ ان خبر تي معذورت ڪٿي ڇپي آهي، اهو به ڏسو. هن چيو ته ان کان اڳ ڊان نيوز فيڪ ميڊيا قانون شايع ڪيو ۽ ايڊيٽوريل به لکي ڇڏيو ۽ اڄ تائين معافي ناهي ورتي، اهو رويو صحافت جي آزادي جي خلاف آهي. ياد رهي ته ڊان نيوز ناڻي واري وزارت جي ترجمان جي فيڪ اڪائونٽ تان ٽوئيٽ کي بنياد بڻائي فرنٽ پيج تي خبر لڳائي هئي. چوڌري فواد حسين ان حوالي سان ناڻي واري وزارت جي ترجمان مزمل اسلم جو ٽوئيٽ پڻ شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته ڊان هٿ ٺوڪي خبر ته پهرين صفحي تي شايع ڪئي ۽ ان خبر تي معذرت اندر جي قومي خبرن جي صفحي تي شايع ڪئي. ميڊيا جو اهو طرزعمل نه هجڻ گهرجي. اخبار معذرت به انهي صفحي تي شايع ڪري جنهن تي خبر شايع ڪئي وئي هئي ٻي صورت ۾ ان جي ڪا ضرورت نه آهي.
متعلقہ مضامین
-
No protest or march can oust PTI government: governor
-
Buzdar urges conspirators to compare tenure of looters with that of PTI govt
-
No protest or march can oust PTI government: governor
-
Govt fails to pass bills in PA as quorum collapses
-
CM Sindh’s brother in law tested positive for coronavirus
-
LHC directs PEMRA to run TV campaign on Coronavirus
-
Navy launches drive to plant 4m trees
-
CM Sindh’s brother in law tested positive for coronavirus
-
PIA suspends flight operation to Qatar till March 31
-
Bill moved in NA to set up university at PM House
-
Report on wheat, sugar shortage to address all concerns of opposition, NA told
-
SC extends hearing of Khawaja brother’s bail plea for 7 days