اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اليڪشن ڪميشن جي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن (اي وي ايم) جي استعمال ۽ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي سهولت لاءِ اختيار ڏيڻ بابت 2 آرڊيننس، سنڌ حڪومت جي درخواست تي سنڌ ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد جي لاءِ فوج مقرر ڪرڻ، عيدالفطر تي قيدين کي سزائن ۾ 90 ڏينهن معافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سرڪاري ملازم نوڪري تان استعيفيٰ ڏيڻ کانسواءِ ايم پي ون ۽ ايم پي ٽو اسڪيل حاصل ڪرڻ، آءِ پي پيز کي رهتن جي مد ۾ 40 سيڪڙو ادا ڪرڻ ۽ پاڪ سعودي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ سپريم ڪوآرڊينيشن ڪميٽي کي فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي اجلاس جي ڪارروائي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان اجلاس شروع ٿيڻ تي هدايت ڪئي ته بزرگ ماءُ پيءُ جي تحفظ جي حوالي سان قانونسازي جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. وزيراعظم کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي راءِ جي حق جو اختيار ڏيڻ جي هوالي سان اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي.
متعلقہ مضامین
-
PM apprised on legislation to criminalize enforced disappearance
-
Police needs to change its conduct and behaviour towards people: Buzdar
-
Chinese consulate attack ‘facilitator’ arrested in UAE
-
PM apprised on legislation to criminalize enforced disappearance
-
Police needs to change its conduct and behaviour towards people: Buzdar
-
Extension in special powers granted to Rangers signed by Sindh govt
-
SC dismisses review petition against Asia Bibi’s acquittal
-
Gunmen kill nine in attack on police station in Loralai
-
SC dismisses review petition against Asia Bibi’s acquittal
-
Senate panel approves bill to raise marriage age limit to 18 years
-
Talpur, Majeed file review pleas in fake bank accounts case
-
Sahiwal victims’ family refuses to take part in identification parade