اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بيروزگاري، معاشري ۾ بيچيني جي وڌندڙ سطح، خصوصي ماڻهن جي لاءِ موقعن تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ ۽ ڪاروبار ۽ روزگار ۾ عورتن جي شرڪت کي وڌائڻ جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن ڪراچي ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ڪي سي سي آئي) جي هڪ وفد سان ملاقات ۾ ملڪ ۾ سماجي ۽ اقتصادي چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ رضاڪاراڻي خدمتن ۽ چيمبرز، بئنڪنگ سيڪٽر ۽ سول سوسائٽي جي فعال شموليت جي اهميت تي زور ڏنو. ايوان صدر پاران جاري هڪ پڌرائي موجب صدر زور ڏنو ته ڪاروباري برادري کي سماجي شعبن کي اڳتي وڌائڻ ۽ ضرورتمندن جي مدد ڪري پنهنجي ڪارپوريٽ سماجي ذميواري کي پورو ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته سرڪاري ۽ نجي شعبن جي وچ ۾ گڏيل تعاون سان ماڻهن جي زندگين ۾ خاص طور تي سماجي قدمن جي دائري ۾ مثبت تبديلي اچي سگهي ٿي. صدر هڪ جامع معاشري جي جوڙجڪ تي زور ڏنو جتي سماجي ۽ اقتصادي سرگرمين ۾ عورتن جي شرڪت کي فعال طور تي فروغ ڏئي سگهجي. هن ڪراچي چيمبر جي ميمبرن تي زور ڏنو ته اهي عورتن کي مستقبل جو صنعتڪار بڻجڻ، انهن ۾ اعتماد جي فروغ ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ انهن جي حمايت ۽ حوصلا افزائي ڪن. وڌيڪ اهو ته هن انساني ترقي جي اهميت تي زور ڏنو ۽ ڪاروباري برادري کي عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ جو مشورو ڏنو. صدر عورتن جي لاءِ بئنڪ اڪائونٽ کولڻ ۽ مالياتي ڏيتي ليتي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مثبت اثرن کي تسليم ڪيو. هن عورتن کي ڪم جي جڳهه تي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ۾ ڪاروباري برادري جي ڪردار تي زور ڏنو. صدر ڪارپوريٽ سيڪٽر تي اهو به زور ڏنو ته هو پنهنجي ڪارڪنن جي ڀلائي ۽ ماحولياتي تحفظ کي ترجيح ڏي ته جيئن ايندڙ نسل جي لاءِ هڪ بهتر دنيا کي يقيني بڻائي سگهجي. بئنڪنگ سيڪٽر جي ڪارڪردگي جي حوالي سان صدر علوي گذريل ٽن سالن ۾ ان جي ڪاميابين کي ساراهيو. هن چيمبرز تي زور ڏنو ته اهي صنعت جي اندر 20 کان 25 سيڪڙو عورتن کي نوڪرين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فاسٽ ٽريڪ مڪينزم تيار ڪن. هن ملڪ جي ڪجهه بئنڪن کي ساراهيو جن 30 سيڪڙو عورتن کي قابل ذڪر روزگار فراهم ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي وڏن قدرتي ۽ انساني وسيلن جو حوالو ڏيندي چيو ته هو پاڪستان جي صلاحيت بابت پراميد آهي. هن ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري تي زور ڏنو ته اسپتالن، شاپنگ پلازائن ۽ صنعتن تائين خصوصي ماڻهن جي پهچ کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ريمپس جي تعمير جهڙا قدم کنيا وڃن.
متعلقہ مضامین
-
Yasmin urges PDM rally participants to quarantine themselves
-
PDM exploring ways to save its sinking politics: Shibli
-
Once upon a time: Pakistan’s fabled storytellers fade away
-
Fawad suggests govt to hold talks with opposition
-
LHC orders for making report on petroleum crisis public
-
Masood Khan demands global intervention on demographic change in IOJK
-
Supreme Court sees no improvement in PIA
-
Supreme Court sees no improvement in PIA
-
Compensation will be sought from PDM for damaging cultural heritage: Dr. Fridous
-
Palai, The much-awaited red blood citrus is finally ripened
-
PDM: govt refuses to yield come what may
-
President approves Anti-Rape Ordinance 2020 for speedy trial through special courts