اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنينن کي بجلي چوري جي روڪٿام جو روڊ ميپ ۽ بجلي جي شعبي جي سڌارن ۽ گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مدي جو پلان جلد کان جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ بجلي جي وڌيڪ بلن ۾ گهٽتائي لاءِ ٺوس جوڙي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. هن اهي هدايتون بجلي جي بلن ۾ اضافي تي هنگامي اجلاس جي پهرين دور جي صدارت ڪندي جاري ڪيون، اجلاس ۾ وزيراعظم کي جولاءِ جي بجلي جي بلن ۾ اضافي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته جلد بازي ۾ ڪو به اهڙو قدم نه کنيو وڃي جنهن سان ملڪ کي نقصان پهچي، اهڙا قدم کنيا وڃن جنهن سان ملڪي خزاني تي اضافي بار نه پوي ۽ صارفين کي سهولت ملي. هن چيو ته ائين ممڪن ناهي ته عام ماڻهو مشڪل ۾ هجي ۽ آفيسر شاهي ۽ وزيراعظم ان جي ٽيڪس تي مفت بجلي استعمال ڪن. هن چيو ته لاڳاپيل وزارتون ۽ ادارا مفت بجلي حاصل ڪندڙ آفيسرن ۽ ادارن جا مڪمل تفصيل فراهم ڪن،هن چيو ته هو عام ماڻهن جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، وزيراعظم هائوس ۽ پاڪ سيڪريٽريٽ ۾ بجلي جو خرچ گهٽ کان گهٽ ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن منهنجي ڪمري جي اي سي بند ڪرڻي پوي ته بيشڪ بند ڪري ڇڏيو، وزيراعظم چيو ته بجلي جي بچت جي قدمن کي لاڳو ڪرڻ ۽ جولاءِ جي وڌيڪ بلن جي مسئلن تي صوبائي وڏن وزيرن سان تفصيلي مشاورت پڻ ڪئي ويندي. اجلاس ۾ عبوري ڪابينا جي وفاقي وزيرن، سيڪريٽري پاور ، واپڊا چيئرمين، نيپرا چيئرمين ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس کي اڄ سومر تائين ملتوي ڪندي ٺوس قدم ۽ پلان تيار ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Mandokhel to assume charge as BHC CJ
-
Mandokhel to assume charge as BHC CJ
-
Pakistani community praised for their contribution to British society
-
Pak Army soldier martyred in cross-LoC firing: ISPR
-
PM hails support of 58 countries on Kashmir crisis
-
Non-bailable arrest warrant issued against PTI leader Aleem Khan
-
Housing Society affectees get PLs worth billions
-
Federal govt conspiring to divide Sindh: Khuhro
-
Pakistan urges three world powers to help resolve Kashmir dispute
-
PPP reiterates demand for fresh elections in country
-
Jail superintendent told to decide on Sanaullah’s plea for homemade food
-
Jail superintendent told to decide on Sanaullah’s plea for homemade food