اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني برطانيا ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان برطانوي پارليامينٽ جي مٿئين ايوان (هائوس آف لارڊز) جي ميمبر لارڊ عامر سرفراز ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ترقياتي منصوبابندي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم برطانيا خاص طور تي برطانوي سياسي نظام ۾ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي خدمت کي ساراهيو. هن چيو ته برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني برطانيا ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار اد اڪري رهيا آهن. لارڊ عامر سرفراز انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ برطانوي سياسي قيادت ۽ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين پاران مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.
متعلقہ مضامین
-
PIA excludes ATR-72 airplanes from its fleet
-
India appoints new Charge d’Affaires to Pakistan
-
Coca-Cola donates 37 ventilators amid second wave surge in Covid-19 cases
-
Coca-Cola donates 37 ventilators amid second wave surge in Covid-19 cases
-
25 injured in explosion near Rawalpindi’s Ganj Mandi police station
-
ICT launches drive for awareness on labour laws
-
Revolutions in Pakistan via recycled clichés
-
Cylinder blast at Rahim Yar Khan hospital injures four
-
Canadian HC felicitates Pakistani doctor for introducing instant Covid-19 test via smartphone
-
Pakistanis can no more be fooled by gimmicks of ‘political thugs’: Afridi
-
Criminals hack ATM in Rs3.34m Peshawar heist
-
China’s Ambassador meets SAPM Zulfikar Bukhari