اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي هن اعتماد جو اظهار ڪيو ته جيتوڻيڪ اوهان تاريخ جا باب کي ٻيهر نٿا لکي سگهو پر رواداري، اتحاد ۽ عظمت جا نوان باب ضرور لکي سگهو ٿا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر مملڪت پاڪستانين ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيد مبارڪ ڏيندي پاڪستاني عوام تي زور ڀريو آهي، ته هو پنجين وڏي ملڪ جي حيثيت سان جدوجهد ڪن ۽ دنيا ۾ پنهنجي حقيقي ڪردار ادا ڪن. صدر مملڪت چيو ته مان 30 سالن کان پوءِ پنهنجو ٻيو حج مڪمل ڪيو آهي. هن چيو ته مان بنيادي طور تي پياري پاڪستان ۽ ان جي عوام لاءِ دعاڳو آهيان. مان الله پاڪ کان دعا ڪيان ٿو ته هو اسان کي مصيبتن مان ڪڍڻ جو رستو فراهم ڪري، ترقي ۽ خوشحالي جي منزل اسان حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا. هو اسان کي عطا ڪري. الله پاڪ غفور رحيم منهنجي دعا ۽ التجا قبول فرمائي. جهڙي طرح رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جن سڀني کي معاف ڪيو، ايستائين جو پنهنجي سڀ کان وڏن دشمنن کي به معاف ڪري ڇڏيو، اسان کي پڻ گهرجي ته اسان ان تي عمل ڪيون. ۽ ايئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون. مون به ايئن ئي ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي آهي. صدر عارف علوي چيو ته منهنجي سڀني کي گذارش آهي ته هو ڪنهن به اهڙي عمل لاءِ مون کي معاف ڪن جنهن سان ڪنهن کي تڪليف پهتي هجي ۽ ڄاڻي واڻي يا اڻڄائي ۾ مون کان ڪا غلطي ٿي وئي هجي.
متعلقہ مضامین
-
Bilawal ‘disowns’ Nawaz Sharif’s tirade against military leadership at PDM rally
-
Shibli Faraz turns down news of PTV’s privatisation
-
PM visits Gabeen Jabba valley, gets impressed by its natural beauty
-
Kashmiris only want right to self-determination, says minister
-
CTD guns down two suspected militants in Punjab, seizes weapons
-
Five reasons why you need to register for the NASFF
-
Candlelight vigil condemns attack at Kabul University
-
Promoting Quranic teachings can help build a peaceful society: speakers
-
Elite Force must not be used for unnecessary duties: IGP
-
ACE starts looking into cases of PML-N leaders in Faisalabad
-
PTI govt has taken steps for empowerment of youth: CM
-
ACE registered 198 corruption cases in October