اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) واحد وفاقي پارٽي آهي جنهن کي جڏهن به وطن پڪاريو، ان هن ملڪ کي مصيبتن ۽ بحرانن جي منجهدار مان حفاظت سان ڪڍيو. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو قائد ميان محمد نواز شريف، پارٽي جي ساٿين ۽ عهديدارن ۽ ڪارڪنن جا ٿورا مڃي ٿو جن مون تي اعتماد جو اظهار ڪندي مون کي پارٽي جي صدارت لاءِ چونڊيو. پاڪستان مسلم ليگ نواز ميان محمد نواز شريف جي قيادت ۾ سياسي ارتقا جي مرحلن مان گذرندي ملڪ جي اها واحد وفاقي پارٽي بڻجي اڀري آهي جنهن کي جڏهن جڏهن هن ملڪ پڪاريو، ان هن ملڪ کي مصيبتن ۽ بحرانن جي منجهدار مان حفاظت سان ڪڍيو. هن چيو ته اهو پارٽي ڪارڪنن ۽ پارٽي قيادت جي وچ ۾ نه ٽٽندڙ رشتو ئي آهي جنهن جي ڪري جيترا ڀيرا به ان کي دٻائي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مسلم ليگ (ن) اڳ کان به وڌيڪ قوت ۽ عوامي حمايت سان ٻيهر اڀري. اڄ منهنجو هن ملڪ جي خدمت جو عزم وڌيڪ پڪو ٿي ويو آهي. هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته مون کي سدائين قائد ميان محمد نواز شريف جي هڪ اهڙي فرض شناس ڪارڪن طور ياد رکيو وڃي ته جنهن پنهنجون سموريون توانايون، صلاحيتون ۽ سگهه ملڪ پاڪستان ۽ ان جي ماڻهن جي خدمت ۾ لڳايون.
متعلقہ مضامین
-
PM Imran asking for an NRO but won’t get it: Maryam
-
Fully determined to ensure rule of law, socio-economic welfare: PM
-
Bilawal ‘disowns’ Nawaz Sharif’s tirade against military leadership at PDM rally
-
PPP MPA Nawab Sardar Chandio appeared in court in triple murder case
-
Shibli Faraz turns down news of PTV’s privatisation
-
Shibli Faraz turns down news of PTV’s privatisation
-
Pakistan condemns Indian Chief of Defence Staff’s gratuitous remarks: FO
-
Preparation of model text books in final stage, says minister
-
An instant initiative to be taken
-
Five reasons why you need to register for the NASFF
-
Preparation of model text books in final stage, says minister
-
Elite Force must not be used for unnecessary duties: IGP