اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سنڌ جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته سامونڊي طوفان سان ٺٽي، بدين ۽ سنڌ جي ڏکڻ اوڀر علائقن بابت خدشن تي وفاق ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي وچ ۾ موثر حڪمت عملي تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، لاڳاپيل علائقن مان عوام جي وقت سر محفوظ علائقن ۾ منتقلي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ٽيليفون ڪيو ۽ سامونڊي طوفان جي حوالي سان تازه ترين صورتحال ۽ قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم سنڌ جي وڏي وزير جي سامونڊي طوفان جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳواٽ انتظامن کي ساراهيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سامونڊي جهازن، مُهاڻن، سامونڊي انفراسٽرڪچر، ٻوڏ جي خطري، ٺٽي، بدين ۽ سنڌ جي ڏکڻ اوڀر علائقن بابت خدشن تي وفاق ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي وچ ۾ موثر حڪمت عملي تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، لاڳاپيل علائقن مان عوام جي وقت سر محفوظ علائقن ۾ منتقلي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم کي لاڳاپيل علائقن ۾ عوام کي اڳواٽ خبردار ڪرڻ ۽ اطلاع پهچائڻ جي حوالي سان قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم هنگامي صورتحال ۾ ضروري سامان، اوزارن ۽ ٻين لاڳاپيل شين جي اڳواٽ انتظامن تي پڻ آگاهي حاصل ڪئي ۽ مڪمل نگراني رکڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ وفاقي حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم چيو ته وفاق جي انتظام هيٺ سمورا ادارا عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جي لاءِ سنڌ حڪومت جي مدد جي لاءِ هر وقت تيار رهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف جي جذبي ۽ فڪرمندي تي ان جا ٿورا مڃيا.
متعلقہ مضامین
-
CJP forms seven-judge bench to hear Justice Isa’s petition
-
Consult IAF before ‘invading’ AJK, ISPR responds to Indian minister
-
Imran to meet Trump twice during US visit
-
Every detained MNA should be allowed to attend sessions: Abbasi
-
Pakistan hopes Afghan peace talks will resume at the earliest
-
Consult IAF before ‘invading’ AJK, ISPR responds to Indian minister
-
Reports about Saudi, UAE ministers’ remarks on Kashmir ‘speculative’: FO
-
PM hails support of 58 countries on Kashmir crisis
-
EU lawmaker for imposing trade and travel restrictions on India
-
Kashmiris to swarm streets if curfew lifted in IHK: Firdous
-
Federal govt conspiring to divide Sindh: Khuhro
-
Federal minister directs schools not to increase fee by more than 5 percent